ملڪ ۾ ترقي ۽ جمهوريت لاءِ ميان  محمد نواز شريف جون خدمتون لازوال آهن: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان محمد نواز شريف کي سالگرهه تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي ۽ جمهوريت لاءِ ميان نواز شريف جون خدمتون لازوال آهن.گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ميان نواز شريف هميشه پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب ملڪ کي ترقي …

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان محمد نواز شريف کي سالگرهه تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي ۽ جمهوريت لاءِ ميان نواز شريف جون خدمتون لازوال آهن.گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ميان نواز شريف هميشه پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، اڄ جيڪو ملڪ ۾ ٻيهر معاشي استحڪام آيو ان ۾ ميان نواز شريف جو ڪردار گهڻو اهم آهي. هن چيو ته موٽر ويز سميت اڪثر ترقياتي منصوبا مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ بڻيا، مسلم ليگ (ن) کي سڀني کان وڌيڪ عوامي اعتماد حاصل هجڻ جو سبب ميان نواز شريف جون عوام دوست پاليسيون آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ميان نواز شريف جي قيادت ۾ عوامي خدمت جو اهو سلسلو جاري رکندي.

مزید خبریں