اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان رڳو سياسي نعرن سان ناهي ٺهيو پر قائداعظم جي بي مثال قانوني ذهانت، آئيني بصيرت ۽ اخلاقي وقار جي ذريعي جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، قائداعظم جي اڻٿڪ جدوجهد هڪ …
پاڪستان رڳو سياسي نعرن سان ناهي ٺهيو پر قائداعظم جي بي مثال قانوني ذهانت، آئيني بصيرت ۽ اخلاقي وقار جي ذريعي جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو: بئريسٽر دانيال

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان رڳو سياسي نعرن سان ناهي ٺهيو پر قائداعظم جي بي مثال قانوني ذهانت، آئيني بصيرت ۽ اخلاقي وقار جي ذريعي جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، قائداعظم جي اڻٿڪ جدوجهد هڪ خواب کي هڪ خودمختيار رياست ۾ تبديل ڪيو. قائد ڏهاڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي بئريسٽر دانيال چيو ته محمد علي جناح برطانوي هند جي گهٽ عمر ترين ۽ باصلاحيت وڪيلن ۾ شمار ٿيندو هو. هن چيو ته قائداعظم سڀ کان اڳ هڪ بئريسٽر هو جيڪو ان ڳالهه تي يقين رکندو هو ته انصاف، قانون ۽ آئيني جدوجهد ڪنهن به مظلوم قوم جو سڀ کان طاقتور هٿيار هوندو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته قائداعظم قانوني دليلن کي هڪ قومي تحريڪ ۾ بدلائي ڇڏيو جنهن ننڍي کنڊ جي تقدير بدلائي ڇڏي ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته منظم ۽ باوقار وڪالت وڏي کان وڏي سلطنتن کي به شڪست ڏئي سگهي ٿي. بئريسٽر دانيال ياد ڏياريو ته قائداعظم تمام گهٽ عمر ۾ وڪالت جي شعبي ۾ قدم رکيو ۽ جلد ئي پنهنجي غيرمعمولي ذهانت، آئين ۽ قانون تي عبور ۽ بنيادي حقن جي بي خوف دفاع جي ڪري نمايان مقام حاصل ڪيو. ان جي موجب عدالتن ۾ قائداعظم جو وقار، حقيقتن تي مضبوط پڪڙ ۽ ادارن جو احترام بعد ۾ ان جي سياسي قيادت جو بنياد بڻيو. هن چيو ته قائداعظم پنهنجي پوري زندگي ۾ اصولن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ڀلي اهي عدالتي ڪيس هجن يا نوآبادياتي حڪمرانن سان ڳالهه ٻولهه، قائداعظم سدائين دليل، صبر ۽ قانون جي بالادستي تي دارومدار ڪيو. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته قائداعظم جو اقليتن جي حقن، قانون آڏو برابري ۽ جمهوري طرز حڪمراني تي اڻٿڪ يقين اڄ جي قانونسازن ۽ مستقبل جي قيادت جي لاءِ مڪمل رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته قائداعظم جو ويزن، جنهن ۾ هر شهري کي آزادي سان عبادت ڪرڻ ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي، اڄ به پاڪستان جو اصل روح آهي. بئريسٽر دانيال وڪيلن، پارليامينٽ ميمبرن، نوجوانن ۽ پوري قوم تي زور ڏنو ته اهي قائداعظم جي ڪردار، ديانت، صبر، جرئت ۽ محنت کي اختيار ڪن ۽ سياست کي اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه پر عوامي خدمت سمجهن. پنهنجي پيغام جي پڄاڻي تي بئريسٽر دانيال دعا ڪئي ته قوم سدائين پنهنجي باني جي نظرين سان وفادار رهي ۽ بئريسٽر محمد علي جناح جو روح پاڪستان کي اتحاد، انصاف، آئيني بالادستي ۽ پائيدار قومي هم آهنگي جي راهه تي سدائين رهنمائي ڪندو رهي.











