اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 8 ۾ واقع آور ليڊي آف فاطمه ڪيٿولڪ چرچ جو دورو ڪيو جتي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي آرچ بشپ جوزف ارشد سندس شاندار استقبال ڪيو. گهرو وزير ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد هڪ خاص تقريب ۾ شرڪت ڪئي. گهرو وزير جي اچڻ تي ٻارڙن ڀليڪار چوڻ لاءِ گل پيش …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران آور ليڊي آف فاطمه ڪيٿولڪ چرچ جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 8 ۾ واقع آور ليڊي آف فاطمه ڪيٿولڪ چرچ جو دورو ڪيو جتي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي آرچ بشپ جوزف ارشد سندس شاندار استقبال ڪيو. گهرو وزير ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد هڪ خاص تقريب ۾ شرڪت ڪئي. گهرو وزير جي اچڻ تي ٻارڙن ڀليڪار چوڻ لاءِ گل پيش ڪيا، محسن نقوي آرچ بشپ جوزف ارشد ۽ مسيحي برادري جي ميمبرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو، هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جون دلي مبارڪون ڏنيون ۽ چرچ اڳواڻن ۽ پيرش جي ميمبرن سان گڏجي ”امن جو ڏيئو“ روشن ڪيو. دعائيه تقريب دوران ٻارن ڀليڪار وارا ٽيبلوز پيس ڪيو جڏهن ته ڪرسمس ڪيرولز به پيش ڪيا ويا. ريورنڊ فادر سلويسٽر جوزف مسيحي برادري طرفان گهرو وزير جي آجيان ڪئي ۽ تقريب ۾ شرڪت تي سندس ٿورو مڃيو. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪرسمس خوشي، محبت ۽ ڀائيچاري جو ڏڻ آهي، سمورا پاڪستاني هڪجهڙا حق رکن ٿا ۽ قائداعظم جي رهنما اصولن تحت متحد آهن، هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ڪرسمس جي تقريبن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻايا ويا آهن.











