ڳالهيون ئي هر مسئلي جو حل آهن: راجا پرويز اشرف

لاهور-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڳالهيون ئي هر مسئلي جو حل آهن، پي ٽي آءِ کي چوندس ته ملڪي مفاد ۾ ڳالهين جو رستو اختيار ڪري، ڪو اهڙو رستو اختيار نه ڪري جنهن سان ملڪي سالميت کي خطرو هجي يا ملڪي بدنامي ۽ افراتفري پکيڙي. هو ميٿوڊسٽ چرچ مريم نشادط ڪالوني لاهور ڪينٽ …

لاهور-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڳالهيون ئي هر مسئلي جو حل آهن، پي ٽي آءِ کي چوندس ته ملڪي مفاد ۾ ڳالهين جو رستو اختيار ڪري، ڪو اهڙو رستو اختيار نه ڪري جنهن سان ملڪي سالميت کي خطرو هجي يا ملڪي بدنامي ۽ افراتفري پکيڙي. هو ميٿوڊسٽ چرچ مريم نشادط ڪالوني لاهور ڪينٽ ۾ پي پي سينٽرل پنجاب اقليتي ونگ جي نائب صدر ايڊون سهوترا طرفان ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. راجا پرويز اشرف پي آءِ اي جي نجڪاري کي ملڪي مفاد جي حق ۾ قرار ڏيندي چيو ته اسان صرف پي آءِ اي ملازمن جو تحفظ يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا، حڪومت بزنس نه ڪري پر اهڙي فضا پيدا ڪري جنهن ۾ ڪاروبار ٿي سگهي، آئون سمجهان ٿو ته وزيراعظم طرفان ڳالهين جي دعوت هڪ بهترين قدم آهي. ان کان اڳ ڪرسمس تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستنا کي مضبوط بڻائڻو آهي ۽ ان کي مضبوط بڻائي ئي اسان خوشحال ٿي سگهون ٿا.

مزید خبریں