وزيراعظم شهباز شريف پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ 2 خوارج جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ 2 خوارج جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي هر قسم جي دهشتگردي کان پاڪ ڪنداسين.

مزید خبریں