وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪرسمس جي خوشي جي موقعي تي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي مسيحي برادري کي دلي مبارڪون

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسمس جي خوشي جي موقعي تي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي مسيحي برادري کي دلي مبرڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان حضرت عيسيٰ عه جي زندگي ۽ تعليم کي ياد ڪريون ٿا ۽ ان جو جشن ملهايون ٿا، جنهن جو محبت، امن، …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسمس جي خوشي جي موقعي تي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي مسيحي برادري کي دلي مبرڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان حضرت عيسيٰ عه جي زندگي ۽ تعليم کي ياد ڪريون ٿا ۽ ان جو جشن ملهايون ٿا، جنهن جو محبت، امن، همدرديءَ ۽ اتحاد تي ٻڌل لازوال پيغام اڄ به پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه بي لوث خدمت جي اعليٰ ترين اصولن کي اختيار ڪيو ۽ پنهنجي زندگي انساني مصيبتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن جي بهتري جي لاءِ وقف ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي مسيحي برادري اسان جي قومي معاشري جو هڪ اهم ۽ فخر جوڳو حصو آهي. تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ انهن جون اڻٿڪ خدمتون ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم سان گڏ بيهي ڏنل قربانيون ساراهه جوڳيون ۽ اسان جي لاءِ گڏيل فخر جو سبب آهن. هن دعا ڪئي ته هي تهوار دلين کي خوشين سان ڀري ڇڏي، هم آهنگي جي رشتن کي مضبوط ڪري ۽ سڀني جي لاءِ امن، اميد ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي.

مزید خبریں