وزيراعظم شهباز شريف پاران قلات ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں