قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان جي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ متحد ٿي محنت ڪنداسين: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا-25 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏو وزير مير سرفراز بگٽي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 149 هين يوم پيدائش تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم جا سنهري اصول ايمان، اتحاد ۽ تنظيم اسان جي قومي مستقبل جي مضبوط ضمانت آهن، قائداعظم  جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان جي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ متحد ٿي محنت ڪنداسين. وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته قائداعظم …

ڪوئيٽا-25 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏو وزير مير سرفراز بگٽي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 149 هين يوم پيدائش تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم جا سنهري اصول ايمان، اتحاد ۽ تنظيم اسان جي قومي مستقبل جي مضبوط ضمانت آهن، قائداعظم  جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان جي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ متحد ٿي محنت ڪنداسين. وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته قائداعظم ديانت، قانون جي بالادستي ۽ برابري تي ٻڌل رياست جو تصور ڏنو، جنهن تي عمل اڻٽر آهي. هن چيو ته باباءِ قوم جي تعليم اسان کي اتحاد سان قومي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ڏي ٿي، هن چيو ته قائداعظم جو پاڪستان سمورن شهرين لاءِ امن، برداشت ۽ انصاف جي علامت آهي، نئين نسل کي قائداعظم جي فڪرن کان روشناس ڪرائڻ اسان جي گڏيل قومي ذميواري آهي، وڏي وزير چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب مضبوط، خودمختيار ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں