قائداعظم جي دور انديش قيادت ۽ آفاقي اصول اڄ به پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جي راهه تي گامزن رکڻ لاءِ مشعل راهه آهن: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته قائداعظم جي دور انديش قيادت ۽ آفاقي اصول اڄ به پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جي راهه تي گامزن رکڻ لاءِ مشعل راهه آهن. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته قائداعظم نه رڳو ننڍي کنڊ جي …

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته قائداعظم جي دور انديش قيادت ۽ آفاقي اصول اڄ به پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جي راهه تي گامزن رکڻ لاءِ مشعل راهه آهن. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته قائداعظم نه رڳو ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو عظيم اڳواڻ هو پر مذهبي، آزادي، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ برابري جهڙن اصولن جو مضبوط علمبردار به هو. ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سنهري اصولن جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير زور ڀريو ته قومي اتحاد ئي پاڪستان جي مضبوطي ۽ پائيدار ترقي جو بنياد آهي ۽ قوم کي سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري متحد ۽ منظم انداز ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. هن قائداعظم جي اقليتن بابت تاريخي فرمانن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان رواداري، شموليت ۽ هڪجهڙن حقن تي ٻڌل رياست آهي، جتي بنا مذهبي فرق جي سمورن شهرين کي هڪجهڙا حق، تحفظ ۽ موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن قائداعظم جي نوجوانن بابت ويزن جو حوالو ڏيندي چيو ته نوجوان نسل پاڪستان جو روشن مستقبل ۽ قومي ترقي جي اصول قوت آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت جي ميدان ۾ اڳتي وڌي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته موجوده حڪومت قائداعظم جي اصولن جي پاسداري ڪندي پاڪستان کي هڪ پائيدار، مضبوط، خودمختيار ۽ عوام دوست رياست بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هميشه امن، اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي.

مزید خبریں