سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي ڏڻ تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڪرسمس جو ڏينهن مسيحي برادري لاءِ نهايت بابرڪت ۽ مقدس حيثيت رکي ٿو جيڪو امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏي ٿو. سينيٽ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو ته …

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي ڏڻ تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڪرسمس جو ڏينهن مسيحي برادري لاءِ نهايت بابرڪت ۽ مقدس حيثيت رکي ٿو جيڪو امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏي ٿو. سينيٽ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو ته هڪٻئي جي عقيدن، روايتن ۽ مذهبي جذبن جو احترام اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. گڏيل رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن کي اختيار ڪندي اسان ترقي ۽ خوشحالي جون نيون منزلون طئي ڪري سگهون ٿا. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکي ٿو، جتي رهندڙ سمورين اقليتن کي پاڪستان جي آئين تحت مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي.  هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت هن اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ لاءِ خاص وزارت قائم ڪئي ۽ اقليتن کي ڪابينا ۾ باقاعده نمائندگي ڏني ته جيئن فيصلا سازي جي عمل ۾ سندن آواز  موثر انداز ۾ شامل ٿي سگهي. هن چيو ته اقليتي برادري پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته مسيحي برادري آئنده به پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪندي رهندي.

مزید خبریں