اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زندگي جي هر شعبي ۾ مسيحي برادري جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سڀني جي لاءِ آهي، سمورن شهرين کي برابر جا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي مذهب جي نالي تي پنهنجي مرضي هلائڻ نه ڏينداسين، زيادتي تي قانون حرڪت ۾ ايندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرسمس جي موقعي …
پاڪستان سڀني جي لاءِ آهي، سمورن شهرين کي برابر جا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي مذهب جي نالي تي پنهنجي مرضي هلائڻ نه ڏينداسين، زيادتي تي قانون حرڪت ۾ ايندو: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زندگي جي هر شعبي ۾ مسيحي برادري جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سڀني جي لاءِ آهي، سمورن شهرين کي برابر جا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي مذهب جي نالي تي پنهنجي مرضي هلائڻ نه ڏينداسين، زيادتي تي قانون حرڪت ۾ ايندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرسمس جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر، مسيحي برادري جون اهم شخصيتون ۽ سفارتي عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام الله جو پيغمبر هو جنهن انسانيت کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ انسانيت سان محبت، امن ۽ احترام جو پيغام عام ڪيو. اڄ دنيا کي ان پيغام تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري سميت اقليتن کي برابر حق حاصل آهن، انهن جو قابل قدر تاريخي ڪردار طب، ملڪ جي دفاع، عدليه، تعليم، صحت سميت زندگي جي هر شعبي ۾ نمايان نظر اچي ٿو، مئي ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ولولا انگيز قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا، پاڪ فضائيه حرڪت ۾ آئي ۽ دشمن جا 7 جهاز ڪيرايا ته سيسل چوڌري جي ياد تازي ٿي وئي. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي خطابن ۾ اقليتن جي مذهبي آزادين تي زور ڏنو، اهو اسان جي آئين جو حصو آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ قائد مسلم ليگ (ن) ميان نواز شريف سدائين اقليتن کي احترام ۽ عزت ڏني، رائيونڊ ۾ انهن جي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون. وزيراعظم چيو ته هارون وليم دشمن سان وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ته هن فيلڊ مارشل سان گڏ ان جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهب تي عمل جي مڪمل آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي مذهب جي نالي تي پنهنجي مرضي هلائڻ نه ڏينداسين ۽ ڪنهن به شهري سان زيادتي تي قانون حرڪت ۾ ايندو، هي اسان سڀني جو گڏيل ملڪ آهي ۽ هتي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، وزيراعظم مسيحي برادري جي اهم اڳواڻن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ مسيحي برادري جي لاءِ ڪرسمس تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ بين المذاهب هم اهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاهي چيو ته پاڪستان ۾ هندو، مسيحي، سک سميت سمورن اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ اهي برابر جا شهري آهن، اقليتون حڪومت سان گڏ بيٺل آهن جڏهن ته ڀارت ۾ مودي مذهب جي نالي تي نفرت ڦهلائي رهيو آهي، اتي اقليتن کي آزادي ۽ تحفظ حاصل نه آهي. قومي اسيمبلي ميمبر نيلسن عظيم چيو ته مسيحي برادري جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب خوش آئنده آهي، وزيراعظم جا ٿورا جنهن اقليتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو، ڪرسمس امن، محبت ۽ درگذر جو پيغام ڏي ٿو. تقريب کي مسيحي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ۽ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.












