قائداعظم جا اصول جمهوريت، انصاف ۽ برابري اڄ به پاڪستان جي لاءِ مشعل راهه آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته قائداعظم جا اصول جمهوريت، انصاف ۽ برابري اڄ به پاڪستان جي لاءِ مشعل راهه آهن ۽ انهن کي قومي فيصلن ۽ ادارن جو بنياد بڻائڻ لازمي آهي، قائداعظم جو پيغام اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط قوم کي هڪ واضح رخ فراهم ڪري ٿو جيڪو موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، سماجي هم آهنگي …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته قائداعظم جا اصول جمهوريت، انصاف ۽ برابري اڄ به پاڪستان جي لاءِ مشعل راهه آهن ۽ انهن کي قومي فيصلن ۽ ادارن جو بنياد بڻائڻ لازمي آهي، قائداعظم جو پيغام اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط قوم کي هڪ واضح رخ فراهم ڪري ٿو جيڪو موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، سماجي هم آهنگي جي فروغ ۽ قومي اعتماد جي بحالي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ايندڙ سال قائداعظم جو 149هون پيدائش جو ڏهاڙو ملهايو ويندو جيڪو سندس زندگي ۽ جدوجهد تي سنجيده ۽ فڪري غور فڪر جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو، اهو موقعو قوم کي قائداعظم جي ويزن سان پنهنجي عزم جي تجديد ۽ ان جي نظرين کي ديانت ۽ مقصديت سان ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿو. هن سمورن پاڪستانين خاص طور تي نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي قائداعظم جي اعليٰ اصولن کي اختيار ڪن ۽ هڪ پرامن، جامع ۽ مستقبل طرف ڏسندڙ پاڪستان جي تعمير ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته جيتوڻيڪ ملڪ کي مختلف مشڪلاتون درپيش آهن تنهن هوندي به اتحاد ۽ يڪجهتي جي ذريعي انهن چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر آصف علي زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جمهوريت جي استحڪام، برداشت جي فروغ ۽ بنا ڪنهن فرق جي سمورن شهرين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جو خواب قائداعظم ڏٺو هو ۽ جنهن جي تڪميل جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. هن چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت اتحاد، ديانت، مقصديت ۽ گڏيل احترام ۾ لڪيل آهي ۽ قوم کي قائداعظم جي رهنما اصولن جي روشني ۾ هڪ منصفاڻي، جمهوري ۽ بااعتماد مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.