اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ڪمانڊر رائل نيوي آف اومان ريئر ايڊمرل سيف بن ناصر بن محسن الرحبي نيول هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سامونڊي سلامتي ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. معزز مهمان پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ …
چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ڪمانڊر رائل نيوي آف اومان ريئر ايڊمرل سيف بن ناصر بن محسن الرحبي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ڪمانڊر رائل نيوي آف اومان ريئر ايڊمرل سيف بن ناصر بن محسن الرحبي نيول هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سامونڊي سلامتي ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. معزز مهمان پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ خطي ۾ سامونڊي سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ان جي مسلسل خدمتن جو اعتراف ڪيو. بعد ۾ چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ ڪمانڊر رائل نيوي آف اومان ريئر ايڊمرل سيف بن ناصر بن محسن الرحبي نيول هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد تقريب ۾ وائيٽ شپنگ معلومات جي مٽاسٽا بابت مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ رهنما اصول ۽ طريقيڪار جوڙڻ آهي ته جيئن وائيٽ شپنگ جي حوالي سان گڏيل آگاهي ۾ اضافو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ اومان جاگرافيائي طور تي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ گڏيل سامونڊي سرحدون رکن ٿا. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو دائرو وسيع آهي جنهن ۾ معاشي تعاون، عوامي رابطا ۽ مضبوط دفاعي لاڳاپا شامل آهن. ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ گهرا پيشيواراڻا لاڳاپا آهن جيڪي پاڪ بحريه ۽ رائل نيوي آف اومان جي ايڪسپرٽ ليول اسٽاف ٽاڪس، تربيت، ٻطرفي ۽ گهڻ قومي مشقن ۾ شرڪت جي ذريعي نمايان آهن.











