راولپنڊي-24 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 273 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. فورم هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل معصوم شهرين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي …
چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 273 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

مزید خبریں
راولپنڊي-24 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 273 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. فورم هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل معصوم شهرين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب فورم تازو دهشتگردي جي واقعن ۾ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙن ۽ پرڏيهي پٺڀرائي تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ خلاف ملڪ جو دفاع ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پختي جرئت، پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هاڻوڪن مهينن ۾ سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪاررواين ۾ پاڪ فوج جي پرعزم ڪوششن کي ساراهيو. فيلڊ مارشل چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج جون گڏيل ڪوششون ۽ پاڪستاني عوام جي ثابت قدم حمايت سبب اسان جو ملڪ آهستي آهستي يقيني طور تي استحڪام، وسيع تر موقعن ۽ عزت ۽ وقار ڏانهن وڌي رهيو آهي. فورم ڏيهي ۽ پرڏيهي سلامتي جي صورتحال جو جامع جائزو وٺندي ملڪ کي درپيش خطرن ۽ آپريشنل تيارين تي زور ڀريو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سمورن دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگارن سان فيصلائتي ۽ بنا ڪنهن رعايت جي منهن ڏنو ويندو. فورم دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياسي مفادن وچ ۾ ڳٺجوڙ کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو. فورم چيو ته قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، چاهي اهو عنصر سياسي هجي يا ڪير به. هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ ويڇو پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي هرگز اجازت ناهي، فورم بلوچستان حڪومت جي خاص ترقياتي قدمن کي ساراهيو جيڪي مقامي سطح تي عوام کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي رابطن ذريعي گورننس سان جڙيل دهشتگردي جي عملن جو خاتمو ڪن ٿا. شرڪت ڪندڙن پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان موجب ٻين علائقن ۾ به اهڙي طرح جي عوامي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. فورم ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق ۽ سندن جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدمي جو ورجاءُ ڪيو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي به توثيق ڪندي غزه ۾ فوري ۽ مستقبل جنگ بندي، بنا رنڊڪ جي انساني پهچ ۽ فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل اعتماد رستي جو مطالبو ڪيو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ڪمانڊرز کي آپريشنل تياري، نظم و ضبط، تربيت، جسماني فٽنيس، نئين جدت ۽ ميدان جي جنگ ۾ پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز پاڪ فوج جي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو مستقل تحفظ ڪندي روايتي ۽ غير روايتي کان وٺي هائبرڊ ۽ غير هموار چئلينجن تائين جي خطرن جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.











