اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ روانگي واپار ڪندڙن سان اعليٰ سطحي مشاورتي ملاقات دوران زرعي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو آهي. هن ايف پي سي سي آءِ ۾ زرعي روانگي واپار ڪندڙ ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت به ڪئي …
زرعي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪمت عملي اڻٽر آهي، روانگي واپار ئي معيشت جو اصل بنياد آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ روانگي واپار ڪندڙن سان اعليٰ سطحي مشاورتي ملاقات دوران زرعي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو آهي. هن ايف پي سي سي آءِ ۾ زرعي روانگي واپار ڪندڙ ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت به ڪئي جنهن جو مقصد روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان جي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ هو. هي اجلاس وزيراعظم پاڪستان جي خاص هدايتن تي منعقد ڪيو ويو ته جيئن خاص ڪري زرعي شعبي ۾ روانگي واپار ۾ گهٽتائي جي سببن جو تفصيلي جائزو وٺي سگهجي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان زراعت، لائيو اسٽاڪ، گوشت، چانور، ميون، ڀاڄين سان لاڳاپيل روانگي واپار ڪندڙ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز روبرو ۽ آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي ۽ سياسي سفارتڪاري جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن ۾ ڀارت سان علائقائي سطح تي اڳڀرائي به شامل آهي جنهن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اطهار ڪيو ته انهن سفارتي ڪاميابين جي باوجود پاڪستان جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو اڃان به اٽڪل 30 کان 32 ارب ڊالر تائين محدود آهي جيڪو پائيدار معاشي ترقي لاءِ ناڪافي آهي. راڻا تنوير حسين واضح ڪيو ته روانگي واپار ئي قومي معيشت جو اصل بنياد آهي جڏهن ته مٽاسٽا جو ناڻو رڳو هڪ مددگار ذريعو آهي ۽ پائيدار حل ناهي.هن چيو ته اسان جو معاشي ويزن روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ آهي جنهن ۾ آمدني واپار تي ڀاڙڻ گهٽ ڪري مقامي آبادگارن ۽ مقامي صنعت کي مضبوط بڻايو وڃي. هن زور ڀريو ته عالمي مارڪيٽن تائين پهچ لاءِ معياري پيداوار ۽ چٽاڀيٽي قيمتون ضروري آهن. وفاقي وزير گوشت، لائيو اسٽاڪ ۽ چانورن جي شعبن کي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته ملائيشيا، سعودي عرب، ايران ۽ نار ملڪ پاڪستاني تازي گوشت ۽ چانور ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهن جڏهن ته تاجڪستان طرفان اٽڪل هڪ لک ٽن گوشت جي گهرج به موجود آهي، هن چيو ته انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي پيداوار، پراسيسنگ ۽ ريگوليٽري نظام کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. علائقائي مثال ڏيندي هن چيو ته ايران پابندين باوجود پنهنجي مقامي صنعت کي هٿي ڏني جيڪو پاليسي تسلسل ۽ اندروني صلاحيتن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. اجلاس جي پڄاڻي تي وفاقي وزير سمورن مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ايف پي سي سي آءِ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته هو درپيش مسئلن ۽ تجويزن جي هڪ جامع فهرست تيار ڪن، هن اعلان ڪيو ته جلد ئي هڪ فالو اپ اجلاس منعقد ڪيو ويندو ته جيئن عملي اڳڀرائي کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته روانگي واپار ڪندڙن جا مسئلا ٿوري وقت ۾ حل ڪيا ويندا ۽ قومي پاليسين کي هم آهنگ ڪري پاڪستان کي زرعي، لائيو اسٽاڪ ۽ ويليو ايڊڊ پيداوار تي ٻڌل هڪ مضبوط، چٽاڀيٽي ۽ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو.











