وزيراعظم جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو صدر ۽ ابوظهبي جو حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان 26 ڊسمبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو صدر ۽ ابوظهبي جو حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان 26 ڊسمبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو گڏيل عرب امارات جي صدر جي حيثيت سان سندس پاڪستان جو پهريون دورو هوندو، ساڻس گڏ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو صدر ۽ ابوظهبي جو حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان 26 ڊسمبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو گڏيل عرب امارات جي صدر جي حيثيت سان سندس پاڪستان جو پهريون دورو هوندو، ساڻس گڏ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. دوري دوران گڏيل عرب امارات جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو. گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ترقي ۽ علائقائي استحڪام سميت اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.