اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت وضاحت ڪئي آهي ته 26 ڊسمبر 2025ع جمعي ڏينهن سمورين وفاقي آفيسن ۾ معمول موجب ڪم ٿيندو. ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل باضابطا نوٽيفڪيشن نمبر Min-II/2025/1-10 موجب جمعو 26 ڊسمبر 2025ع وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت سمورن ادارن جي لاءِ هڪ باقاعده ”ورڪنگ ڊي“ قرار ڏنو ويو آهي. اها وضاحت ان جي لاءِ جاري ڪئي وئي ته جيئن ملازمن …
سمورين وفاقي آفيسن ۾ 26 ڊسمبر 2025ع جمعي ڏينهن معمول موجب ڪم ٿيندو: وفاقي حڪومت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت وضاحت ڪئي آهي ته 26 ڊسمبر 2025ع جمعي ڏينهن سمورين وفاقي آفيسن ۾ معمول موجب ڪم ٿيندو. ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل باضابطا نوٽيفڪيشن نمبر Min-II/2025/1-10 موجب جمعو 26 ڊسمبر 2025ع وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت سمورن ادارن جي لاءِ هڪ باقاعده ”ورڪنگ ڊي“ قرار ڏنو ويو آهي. اها وضاحت ان جي لاءِ جاري ڪئي وئي ته جيئن ملازمن ۽ عوام جي وچ ۾ موڪل بابت موجود ابهام کي ختم ڪري سگهجي. ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل جي صحيحن سان جاري ٿيندڙ ان خط جي ڪاپي سمورن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪارن، صوبائي چيف سيڪريٽريز، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرارز ۽ هٿياربند فوج جي لاڳاپيل عملدارن کي موڪلي وئي آهي.











