اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ ڪرسمس جي حوالي سان گذريل ڏينهن تقريب منعقد ڪئي وئي. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مسيحي برادري جي اڳواڻن سان گڏجي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير سردار …
آئين موجب پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ ڪرسمس جي حوالي سان گذريل ڏينهن تقريب منعقد ڪئي وئي. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مسيحي برادري جي اڳواڻن سان گڏجي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ موجود مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيان ٿو، سمورن مذهبن جي تعليم محبت، همدردي، امن ۽ رواداري تي ٻڌل ۽ اسان لاءِ مشعل راهه آهن، مذهب ۽ ثقافتن جو ميلاپ پاڪستان لاءِ استحڪام جو سبب آهي، مسيحي برادري پاڪستان جي سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هميشه نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، عدليه، پاڪ فوج، تعليم، صحت ۽ سمورن شعبن ۾ اقليتن جون خدمتون وسار ڻ جوڳيون ناهن.آئين موجب پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع جي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ چيو هو ته هر ڪنهن کي بنا ڪنهن فرق رنگ ۽ نسل ۽ مذهب جي برابر حق، مراعتون ۽ ذميوارين حاصل هونديون ۽ نئين رياست پاڪستان ۾ مڪمل مذهبي آزادي حاصل هوندي. موجوده حڪومت ۾ سمورن صوبن ۽ وفاقي ڪابينا ۾ اقليتن جي نمائندگي موجود آهي، مسلم ليگ (ن) اها واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اقليتي برادري خاص ڪري مسيحي برادري جي حقن جي تحفظ، سندن شخصي ۽ سماجي آزادي کي يقيني بڻايو، هن سال به پاڪستان ۾ ڪرسمس جو ڏڻ سرڪاري سطح تي ملهايو پيو وڃي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت اقليتن جي عبادتگاهن ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير سردار محمد يوسف تقريب ۾ شامل مسيحي برادري جي ميمبرن ۾ تحفا پڻ ورهايا.











