اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، ماضي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون، نجڪاري سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو، پي آءِ اي جو سڀني کان وڏو اثاثو ان جا روٽس آهن، پي آءِ اي ساليانو 40 لک مسافرن کي سهولت فراهم ڪري ٿي، ڪيترائي سال اڳ پي آءِ اي وٽ 50 جهاز …
پي آءِ اي جي نجڪاري سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي: وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جي پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، ماضي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون، نجڪاري سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو، پي آءِ اي جو سڀني کان وڏو اثاثو ان جا روٽس آهن، پي آءِ اي ساليانو 40 لک مسافرن کي سهولت فراهم ڪري ٿي، ڪيترائي سال اڳ پي آءِ اي وٽ 50 جهاز آپريشنل هئا جيڪي هاڻي 100 ٿيڻ گهربا هئا، پي آءِ اي وٽ 30 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر آهن، نجڪاري سان پي آءِ اي جي عظمت آهستي بحال ٿيندي، نجڪاري کانپوءِ جي ڊي پي ۾ به اضافو ٿيندو. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. نجڪاري واري صلاحڪار گذريل ڏينهن قومي فضائي ڪمپني (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت سڀني رهنمائي ۽ مدد ڪئي. هن چيو ته عارف حبيب ڪنسورشيم سڀني کان وڌيڪ واڪ ڏنو جنهن تي هو مبارڪن جو مستحق آهي. صلاحڪار محمد علي چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان مالياتي صلاحڪارن جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي رهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ حڪومت جي ڪوششن جي عڪاسي آهي ۽ ان تي بنا جواز تنقيد ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي هن تفصيلي بريفنگ به ڏني. هن چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ به ڀرپور مدد ڪئي ۽ سندس ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي وٽ مجموعي طور تي 33 جهاز آهن جن مان 19 آپريشنل آهن، قومي فضائي ڪمپني جي ٻيڙي ۾ 16 اي 320 آهن، (11 آپريشنل آهن)، مجموعي طو رتي 12 بوئنگ 777 مان 6 آپريشنل آهن، 24 جهاز 2010ع کان پهرين جا آهن،13 -2010ع دوران 7 جهاز حاصل ڪيا ويا جڏهن ته 2 هوائي جهاز 2017ع ۾ ورتا ويا. نجڪاري واري وزير ٻڌايو ته پي آءِ اي جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل 20 جهاز اداري جي ملڪيت آهن جڏهن ته 13 ليز تي حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 1990ع کانپوءِ اداري جي ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ شروع ٿي ۽ 1999ع ۾ نجڪاري جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي، اهڙي طرح 2005ع ۽ 2004ع ۾ به ڪوششون ڪيون ويون جيڪي ڪامياب نه ٿي سگهيون، جڏهن ته گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 2015ع کانپوءِ پي آءِ اي کي هر سال اربين روپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو ڇاڪاڻ ته ڊجيٽلائيزيشن نه ٿيڻ ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي نه ڪري سگهڻ سبب مالي خسارو وڌندو ويو. هن ٻڌايو ته سال 2000ع کانپوءِ ٽيڪنالاجي جو دور آيو پر پي آءِ اي ان مان فائدو نه کڻي سگهي. محمد علي چيو ته پي آءِ اي ساليانو 40 لک مسافرن کي خدمتون فراهم ڪري ٿي، ماضي ۾ غلطيون ٿيون پر نجڪاري سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان وڏي محنت ڪئي وئي ۽ 24 اپريل 2025ع کي اي او آءِ جي اشاعت ٿي هئي جڏهن ته 23 ڊسمبر 2025ع تي نجڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته اداري جون 182 ارب روپين جون رهتون نئين خريدار ڏانهن منتقل ڪيو ويون آهن. هن چيو ته 10 ارب روپين حڪومت کي ملندا جڏهن ته 25 سيڪڙو شيئرز جي ماليت 45 ارب روپيا بڻجي ٿي. هن وضاحت ڪئي ته حڪومت کي واڪ مان 7.5 سيڪڙو ڪيش ملڻ جو تاثر غلط آهي ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ حڪومت وٽ اداري جا 25 سيڪڙو شيئرز به آهن جيڪي مجموعي طور تي 55 ارب روپيا بڻجن ٿا. هن ايئر لائن آپريشنز تي ڏنل ٻين سهولتن جو به تفصيلي ذڪر ڪيو ته جيئن ايوي ايشن جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري سگهي. نجڪاري واري صلاحڪار خريدار ڏانهن منتقل ڪيل رهتن جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ۽ ماضي ۾ به اسان پي آءِ اي کي صحيح طرح هلائي نه سگهياسين پر نجڪاري کانپوءِ حڪومت تي مالي بار گهٽ ٿيندو ۽ سيڙپڪاري سان پي آءِ اي جي ڪارڪردگي ۾ اضافي سان مسافرن جي انگ ۾ به سٺو اضافو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نجڪاري واري صلاحڪار چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ ڊگهي مشاورت ڪئي وئي ته جيئن نجڪاري جو عمل ڪامياب ٿي سگهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت ايندڙ 15 سال ايئر لائن جو بزنس نه ڪندي پر صوبا جيڪڏهن چاهين ته ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، جيڪڏهن ڪو صوبو چاهي ته اهو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان جو معاشي ماڊل ڪهڙو هوندو ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري ان جي عڪاسي آهي ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، هن چيو ته ايوي ايشن انڊسٽري ۾ حڪومت جي عدم شموليت سان چٽاڀيٽي وارو عمل وڌيڪ بهتر، هڪ هٽيءَ جو خاتمو ۽ خدمتن جو معيار به بهتر ٿيندو.











