رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير کي يو اي ٽي ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ بابت اهم منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي

لاهور-24 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهد منير يو اي ٽي ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ بابت اهم منصوبن تي بريفنگ ڏني. ڳالهين دوران وائيس چانسلر يو اي ٽي ۾ انوويشن سينٽر ۽ انوويشن پارڪ جي قيام، نيشنل سينٽر فار ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي شروعات، يو اي ٽي جي شاگردن …

لاهور-24 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهد منير يو اي ٽي ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ بابت اهم منصوبن تي بريفنگ ڏني. ڳالهين دوران وائيس چانسلر يو اي ٽي ۾ انوويشن سينٽر ۽ انوويشن پارڪ جي قيام، نيشنل سينٽر فار ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي شروعات، يو اي ٽي جي شاگردن لاءِ جديد هاسٽلز جي تعمير، پاڪستان جي 5 وڏين يو اي ٽيز ۾ جديد اوزان جي فراهمي جا منصوبا پيش ڪيا. ان کانسواءِ يو اي ٽي نيوز ڪيمپس ڪالاشاه ڪاڪو ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ ۽ نارووال ڪيمپس ۾ فيڪلٽي ريزيڊنسز جي تعمير بابت ڄاڻايل منصوبن تي به وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير يو اي ٽي جي انهن ترقياتي ۽ تحقيقي منصوبن کي ساراهيندي اعليٰ تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اهڙا منصوبا ملڪي معيشت، صنعت ۽ انساني وسيلن جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

مزید خبریں