پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو مجموعي ماحول واضح طور تي مثبت رخ ۾ وڌي رهيو آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو مجموعي ماحول واضح طور تي مثبت رخ ۾ وڌي رهيو آهي ۽ مقامي سيڙپڪارن سان گڏوگڏ پرڏيهي سيڙپڪار به سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيا آهن جيڪي بدلجندڙ معاشي بياني جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته تنقيد ڪندڙن …

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو مجموعي ماحول واضح طور تي مثبت رخ ۾ وڌي رهيو آهي ۽ مقامي سيڙپڪارن سان گڏوگڏ پرڏيهي سيڙپڪار به سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيا آهن جيڪي بدلجندڙ معاشي بياني جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته تنقيد ڪندڙن جي راءِ جي ابتڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو مجموعي ماحول واضح طور تي مثبت رخ ۾ وڌي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي وقت دوران ٿيل وڏا سيڙپڪاري معاهدا ان تاثر کي واضح طور تي غلط ثابت ڪري رهيا آهن ته ملڪ سيڙپڪاري لاءِ غير موزون آهي. صرف ڪجهه نمايان سودن ئي مجموعي طور تي 545 ارب روپين جي سيڙپڪاري کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جيڪي ملڪي معيشت ۾ اعتماد جي مضبوط علامت آهي، هاڻوڪن وڏن معاهدن ۾ اينگرو طرفان ديودار (جاز) جو 157 ارب روپين ۾ حاصل ڪرڻ، اتصلات جو ٽيلي نار پاڪستان کي 108 ارب روپين ۾ خريد ڪرڻ، ميپل ليف جو پائينر سمينٽ 76 ارب روپين ۾ حاصل ڪرڻ، نشاط گروپ جو رفحان ميز 68.5 ارب روپين ۾ خريد ڪرڻ ۽ سڀني کان نمايان عارف حبيب جي قيادت ۾ ڪنسوريشم طرفان پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جو 135 ارب روپين ۾ حاصل ڪرڻ شامل آهن، جيڪو مڪمل نجڪاري جي صورت ۾ اٽڪل 180 ارب روپين تائين وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته انهي ڏس ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي شعبي ۾ به اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي جتي 5 وڏن ڪاروباري گروپس تي ٻڌل نئون ڪنسوريشم پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ان ڪنسوريشم جي مجموعي ماليت 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ هي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، اهي سموريون اڳڀرايون اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن گوگل به پاڪستان ۾ نئين سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته نئين اسپيڪٽرم لائسنسز جاري ڪرڻ سبب ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ به سيڙپڪاري جي نئين آمد متوقع آهي، جنهن جو اعلان پاڻ ناڻي وارو وفاقي وزير ڪري چڪو آهي، ناڻي واري صلاحڪار چيو ته قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي چڪي آهي جيڪا ٻن اهم رجحانن جي نشاندهي ڪري ٿو ته هڪ طرف مقامي سيڙپڪار گروپس جي جارحاڻي ۽ سنجيده شرڪت سامهون آئي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف حڪومت طرفان ڍانچاجاتي سڌارن تي عملي اڳڀرائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جن ۾ نجڪاري، ڊي ريگوليشن، ٽيرف لبرلائزيشن، ٽيڪس سڌارا، توانائي جي سرڪاري ادارن جي بهتري، پينشن سڌارا، قرض مينيجمينٽ ۽ ڪاروباري آسانيون شامل آهن. ان پوري عمل ۾ ايس آءِ ايف سي جون جامع ڪوششون سيڙپڪاري جي ماحول کي موثر ۽ پيداواري بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي لاءِ ٻن مقامي گروپن جا گڏيل واڪ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هو، جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪي نجي سيڙپڪاري نه رڳو مضبوط آهي پر نجڪاري جي ايندڙ منصوبن ۾ ڀرپور دلچسپي به رکي ٿو.

مزید خبریں