مظفر آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري ۽ عوامي جوش ۽ جذبي ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو ان کي سدائين ياد رهندو، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن والاريل ڪشمير جي عوام ڀارت کان آزادي حاصل ڪندي، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير جو وقت اچي ويو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي …
پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري ۽ عوامي جوش ۽ جذبي ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو ان کي سدائين ياد رهندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
مظفر آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري ۽ عوامي جوش ۽ جذبي ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو ان کي سدائين ياد رهندو، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن والاريل ڪشمير جي عوام ڀارت کان آزادي حاصل ڪندي، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير جو وقت اچي ويو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي دنيا جو عظيم ملڪ بڻائينداسين، پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي نه رڳو اندرون ملڪ پر ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ پڻ وظيفا ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مظفراباد ۾ ميرٽ تي ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، وفاقي وزيرن عطاءُ الله تارڙ، احسن اقبال، امير مقام، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وائيس چانسلر ناصر جمال خٽڪ ۽ يونيورسٽي جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عظمت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪشمير ٺهندو پاڪستان جي نعري کي پنهنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته مئي ۾ ڀارت سان ٿيندڙ جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي جرئت، بهادري ۽ عوامي جوش ۽ جذبي ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو ان کي سدائين ياد رهندو. وزيراعظم چيو ته ڏينهن رات محنت جي ڪري پاڪستان نه رڳو ترقي ڪندو پر دنيا جو عظيم ملڪ بڻجندو. هن چيو ته اڄ جن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ مليا انهن پنهنجي والدين ۽ استادن جي محنت جو حق ادا ڪيو ۽ انهن جو مان رکيو، اهي ليپ ٽاپ رڳو هڪ مشين نه آهن پر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ باعزت روزگار ڪمائڻ جو ذريعو آهي. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم تي اهو چئي تنقيد ڪئي وئي ته اها رشوت آهي پر اهو ثابت ٿي ويو ته اها رشوت نه آهي پر نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جو ذريعو آهي، نواز شريف وزيراعظم ۽ مون پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان اهو پروگرام شروع ڪيو هو ۽ اڄ تائين هڪ به ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه ڏنو ويو، رڳو ميرٽ تي اهي ليپ ٽاپس محنت ۽ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ ورهايا ويا. وزيراعظم چيو ته وفاق آزاد ڪشمير ۾ جيڪي چار دانش اسڪول تعمير ڪري رهيو آهي اهي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهن. هن چيو ته پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قربانين، قائداعظم جي ولولي انگيز قيادت ۽ لکين ماڻهن جي هجرت دوران ڏنل قربانين جي ڪري وجود ۾ آيو، جن جا نئين وطن سان اميد ۽ خواب واڳيل هئا، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير جو وقت اچي ويو آهي، پاڪستان کي ڏينهن رات محنت سان عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ قبضي ۾ مشڪل ترين زندگي گذاريندڙ اسان جا والاريل ڪشمير جا ڀينر ڀائر ڀارت کان آزادي حاصل ڪندا. وزيراعظم آزاد ڪشمير ۾ دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته دانش اسڪولن مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ انجنيئرز ۽ ڊاڪٽرز بڻجي نه رڳو ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن پر ٻاهرئين ملڪ به اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم جلد پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان جي ذريعي اعليٰ تعليم جي لاءِ پڻ ميرٽ تي وظيفا ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ان موقعي تي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپس ورهايا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار فيصل ممتاز راٺوڙ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي پروقار تقريب جا خاص مهمان هوشيار ۽ قابل ٻار آهن، ليپ ٽاپ اسان جي نوجوان نسل جي لاءِ رابطن جو ذريعو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن ڪشميرين جي دلين ۾ رهي ٿو، نوجوان نسل کي موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان سان محبت جو والهاڻو رشتو وقت سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهيو آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان سفارتي، دفاعي ۽ معاشي محاذ تي بي پناهه ڪاميانيون حاصل ڪيون. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان نسل کي ميرٽ تي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ نوجوانن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جي ويزن جي روشني ۾ نوجوانن کي سمورين ممڪن سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پرعزم آهيون. تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جن 2 سال اڳ ليپ ٽاپ حاصل ڪيا، انهن ليپ ٽاپ جي مدد سان پنهنجي تعليمي ڪاميابين بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ليپ ٽاپ جي ڪري انهن کي بهترين تعليمي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. خصوصي شاگردياڻي افشين زاهد وزيراعظم جا خصوصي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ليپ ٽاپ جي ڪري کيس پنهنجي تعليم جاري رکڻ جو موقعو ملي سگهيو.











