وزيراعظم پاران جامع قومي انرجي پلان جوڙڻ تي لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبن جي مشاورت سان ڪم ڪرڻ ۽ جدا سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جي منظوري

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جامع قومي انرجي پلان جوڙڻ تي لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبن جي مشاورت سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ جدا سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي توانائي بابت ذيلي ڪميٽي جو قومي انرجي پلان ۽ ٻين سڌارن بابت سفارشن …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جامع قومي انرجي پلان جوڙڻ تي لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبن جي مشاورت سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ جدا سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي توانائي بابت ذيلي ڪميٽي جو قومي انرجي پلان ۽ ٻين سڌارن بابت سفارشن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان جامع قومي انرجي پلان ٺاهڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وڌيڪ اهو ته اجلاس ۾ ويلنگ چارجز جي نيلامي بابت فريم ورڪ گائيڊ لائينز جي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس دوران سڄي ملڪ ۾ بجلي جي پهچ واري نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ذيلي پهچ ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ موثر طور تي مڪمل ڪرڻ جون خصوصي هدايتون پڻ ڏنيون. اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں