اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت جو مشاورتي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي تازي سفارتي مصروفيتن ۽ پرڏيهي پاليسي جي قدمن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي مفادن کي اڳتي وڌائڻ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت جو مشاورتي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت جو مشاورتي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي تازي سفارتي مصروفيتن ۽ پرڏيهي پاليسي جي قدمن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اهم پاليسي قدمن تي زور ڏنو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت پاران ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي خدمتن جي فراهمي ۽ انهن کي قونصلر معاملن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين عالمي طرزعمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.











