ميڪسيڪو سٽي - 24 ڊسمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو جي قومي فٽبال ٽيم ايندڙ سال منعقد ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ مارچ 2026ع ۾ 2 دوستاڻيون ميچون کيڏندي، ميچون پرتگال ۽ بيلجئيم خلاف کيڏيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان ميڪسيڪو فٽبال فيڊريشن ڪيو آهي. ميڪسيڪو جي قومي ٽيم سپورٽنگ ڊائريڪٽوريٽ تصديق ڪئي آهي ته مارچ 2026ع جي فيفا ونڊو ۾ پرتگال ۽ بيلجئيم جون ٻئي ٽيمون جيڪي …
ميڪسيڪو جي قومي فٽبال ٽيم ايندڙ سال مارچ ۾ پرتگال ۽ بيلجئيم خلاف دوستاڻيون ميچون کيڏندي

مزید خبریں
ميڪسيڪو سٽي – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو جي قومي فٽبال ٽيم ايندڙ سال منعقد ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ مارچ 2026ع ۾ 2 دوستاڻيون ميچون کيڏندي، ميچون پرتگال ۽ بيلجئيم خلاف کيڏيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان ميڪسيڪو فٽبال فيڊريشن ڪيو آهي. ميڪسيڪو جي قومي ٽيم سپورٽنگ ڊائريڪٽوريٽ تصديق ڪئي آهي ته مارچ 2026ع جي فيفا ونڊو ۾ پرتگال ۽ بيلجئيم جون ٻئي ٽيمون جيڪي فيفا جي ٽاپ 10 ٽيمن ۾ شامل آهن اسان جون مخالف ٽيمون هونديون . اهي ميچون ميڪسيڪو لاءِ ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ پنهنجي روايتي گهر ۾ پهريون ڀيرو ٿينديون جنهن کي گذريل سال اپريل ۾ فيفا جي معيار مطابق تعميري ڪم لاءِ بند ڪيو ويو هو . تعمير ۾ ڊريسنگ رومز جي اپ گريڊيشن ، مهمانن واري گيلري جي بهتري ۽ نيون سيٽ لڳائڻ شامل هئا. ان اسٽيڊيم ۾ 1970ع ۽ 1986 ع جا ورلڊ فائنلز به کيڏيا ويا هئا، سال 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ افتتاحي ميچ سميت چئن ٻين ميچن جي ميزباني ڪندو.











