ريوڊي جنيرو- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ارجنٽينا جي اڳوڻي مينيجر مارٽن السلمي کي بوٽافوگو جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بوٽافوگو پنهنجي سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته مارٽن السلمي ٻن سالن جي معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هو اٽلي جي مشهور ڪوچ ڪارلو اينسيلوٽي جي پٽ، ڊيوڊ اينسيلوٽي جي جاءِ والاريندو، جيڪو گذريل هفتي گڏيل رضامندي سان عهدي تان برطرف …
مارٽن السلمي بوٽافوگو جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر

مزید خبریں
ريوڊي جنيرو- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ارجنٽينا جي اڳوڻي مينيجر مارٽن السلمي کي بوٽافوگو جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بوٽافوگو پنهنجي سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته مارٽن السلمي ٻن سالن جي معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هو اٽلي جي مشهور ڪوچ ڪارلو اينسيلوٽي جي پٽ، ڊيوڊ اينسيلوٽي جي جاءِ والاريندو، جيڪو گذريل هفتي گڏيل رضامندي سان عهدي تان برطرف ٿي ويو هو . بوٽافوگو مارٽن السلمي جي مقرري جو اعلان ڪندي لکيو آهي ته مارٽن السلمي بوٽافوگو جون نئون مينيجر آهي . هن ڪوچنگ جي ميدان ۾ ڪامياب ڪيريئر ٺاهيو آهي. هو تازو ئي پورٽو سان گڏ فٽ بال جي فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ بعد هلندڙ سال جولاءِ ۾ پنهنجي ذميوارين تان هٿ کنيو هو . مارٽن السلمي جو ڪيريئر چلي جي ” يونين لاڪاليره ، ايڪواڊور جي انڊپينڊيئنٽي ڊيل ويلي“ ۽ ميڪسيڪو جي (ڪروز ازول) ڪلبز ۾ به شامل رهيو آهي .











