مينزبگ بيش ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز ۽ سڊني سڪسرز جون ٽيمون 26 دسمبر تي مقابلو ڪنديون

سڊني- 23 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي ) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ جو 15 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي سخت ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ ٻن ڏينهن جي آرام بعد 26 ڊسمبر تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. ليگ جي يارهين ميچ ميلبورن اسٽارز ۽ سڊني سڪسرز جي ٽيمن وچ ۾ …

سڊني- 23 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي ) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ جو 15 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي سخت ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ ٻن ڏينهن جي آرام بعد 26 ڊسمبر تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. ليگ جي يارهين ميچ ميلبورن اسٽارز ۽ سڊني سڪسرز جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ، سڊني ۾ کيڏي ويندي. ميلبورن اسٽارز جي قيادت مارڪس اسٽوئنس ڪري رهيو آهي ۽ ٽيم کي پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف جون خدمتون حاصل هونديون جڏهن ته سڊني سڪسرز جي اڳواڻي موائسز هنرڪس ڪندو ۽ ان ٽيم کي به پاڪستان جي اسٽار بيٽسمين بابر اعظم جون خدمتون حاصل هونديون. بگ بيش ليگ ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ آهن.

مزید خبریں