پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس

دبئي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ اي سي سي هيڊ ڪوارٽر ۾ خاص اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ايشيائي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ، ٽورنامينٽس منعقد ڪرائڻ ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران ايشيا ڪپ انڊر -19 ٽورنامينٽ لاءِ بهترين ۽ ڪامياب انتظامن تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل انتظاميا جو شڪريو …

دبئي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ اي سي سي هيڊ ڪوارٽر ۾ خاص اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ايشيائي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ، ٽورنامينٽس منعقد ڪرائڻ ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران ايشيا ڪپ انڊر -19 ٽورنامينٽ لاءِ بهترين ۽ ڪامياب انتظامن تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل انتظاميا جو شڪريو ادا ڪيو. محسن نقوي ٽورنامينٽ کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي اي سي سي جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ان ايونٽ ايشيائي سطح تي نوجوان ڪرڪيٽرن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. اجلاس ۾ ايشيائي ڪرڪيٽ جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ هاءِ پرفارمنس سينٽرز جي قائم ڪرڻ جو اهم فيصلو به ڪيو ويو جڏهن ته جديد سهولتون رکندڙ هاءِ پرفارمنس سينٽرز قائم ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اهي ايشيائي ملڪ جن وٽ ان نوعيت جي سهولت موجود ناهي، انهن کي ترجيحي بنيادن تي انهن جديد ڪرڪيٽ سهولتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. اي سي سي جي صدر محسن نقوي چيو ته هاءِ پرفارمنس سينٽرز جو دائرو مرحليوار وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ ايشيائي ڪرڪيٽرز جديد تربيتي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ خطي ۾ ڪرڪيٽ جو معيار عالمي سطح موجب بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ بنگلاديش ڪرڪٽ بورڊ جي صدر امين الاسلام، افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ميرويس اشرف، ايمريٽس ڪرڪٽ بورڊ جي جنرل سيڪريٽري مبشر عثماني، اي سي سي جي ٿوسٽ پريرا سميت ٻين اعلي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي پڄاڻي تي ايشيائي ڪرڪيٽ جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں