ٽه ملڪي سيريز ۽ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 3 ملڪي سيريز ۽ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ قومي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. فرحان يوسف پاڪستان انڊر 19 جي اڳواڻي جاري رکندو. قومي انڊر 19 اسڪواڊ ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ محمد حذيفه جي جاءِ تي عمر زيب کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان انڊر 19 …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 3 ملڪي سيريز ۽ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ قومي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. فرحان يوسف پاڪستان انڊر 19 جي اڳواڻي جاري رکندو. قومي انڊر 19 اسڪواڊ ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ محمد حذيفه جي جاءِ تي عمر زيب کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان انڊر 19 اسڪواڊ ۾ ڪپتان فرحان يوسف، عثمان خان (نائپ ڪپتان)، عبدالسبحان، احمد حسين، علي حسن بلوچ، علي رضا، دانيال علي خان ۽ عمر زيب شامل آهن. حمزه ظهور، حذيفه احسن، مؤمن قمر، محمد صيام، محمد شايان، نقاب شفيق ۽ سمير منهاس کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ٽه ملڪي سيريز زمبابوي ۾ 25 ڊسمبر کان 6 جنوريءَ تائين کيڏي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ميزبان زمبابوي شامل آهن. آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ 15 جنوريءَ کان 6 فيبروريءَ تائين نميبيا ۽ زمبابوي ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ٽورنامينٽس 50 اوورز فارميٽ ۾ کيڏيا ويندا.

مزید خبریں