بلوچستان ۾ جھل مگسي ڊيزرٽ جيپ ريلي 2025ع پڄاڻي تي پهتي

اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ جھل مگسي ڊيزرٽ جيپ ريلي 2025ع جي پڄاڻي شاندار  رنگا رنگ  تقريبن سان ٿي. تفصيل مطابق ريلي دوران آف روڊ چيلنج مقابلا دلچسپي سان ڀرپور رھيا. مختلف ڪيٽيگريز جي مقابلن ۾ شريڪ ڊرائيور غير معمولي مھارت ۽ جو مظاھرو ڪيو، ريلي ۾ مجموعي طور 51 ڊرائيور شرڪت ڪئي، جن ۾ ٻه عورتون به شامل ھيون. پڄاڻي واري تقريب ۾ بلوچستان …

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ جھل مگسي ڊيزرٽ جيپ ريلي 2025ع جي پڄاڻي شاندار  رنگا رنگ  تقريبن سان ٿي. تفصيل مطابق ريلي دوران آف روڊ چيلنج مقابلا دلچسپي سان ڀرپور رھيا. مختلف ڪيٽيگريز جي مقابلن ۾ شريڪ ڊرائيور غير معمولي مھارت ۽ جو مظاھرو ڪيو، ريلي ۾ مجموعي طور 51 ڊرائيور شرڪت ڪئي، جن ۾ ٻه عورتون به شامل ھيون. پڄاڻي واري تقريب ۾ بلوچستان جو گورنر جعفرخان مندو خيل خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. بلوچيستان جي گورنر مختلف ڪيٽيگريز جي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڊرائيور ۾ انعام ورھايا ۽ انھن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراھيو. ريلي دوران ايف سي بلوچستان (نارٿ) ۽ سول انتظاميا طرفان فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا. اثرائتي سيڪيورٽي انتظامن سبب ايونٽ نھايت پرامن طريقي سان پڄاڻي تي پھتو. واضع رهي ته جھل مگسي ڊيزرٽ جيپ ريلي 2025ع، موٽر اسپورٽس کي ھٿي ڏيڻ سان گڏو گڏ علائقي جي ھاڪاري سڃاڻپ ۽ سياحت کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.

مزید خبریں