پاڪستان، انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

دبئي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان، انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. اڱاري ڏينهن گروپ اي جي آخري ۽ اهم ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19، گڏيل عرب امارات انڊر 19 ٽيم کي 70 رنسن تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. گرين شرٽس، ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهيون. …

دبئي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان، انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. اڱاري ڏينهن گروپ اي جي آخري ۽ اهم ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19، گڏيل عرب امارات انڊر 19 ٽيم کي 70 رنسن تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. گرين شرٽس، ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهيون. احمد حسين شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي چار چوڪن جي مدد سان 65 رنسون ٺاهيون ۽ ٽاپ اسڪورر رهيو. سمير منهاس، 5 چوڪن جي مدد سان 44 رنسن جي اهم اننگز کيڏي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر حمزه ظهور ، 42 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ چار چوڪا به شامل هئا. گڏيل عرب امارات طرفان يوگ شرما، 3 ۽ نسيم خان 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. 242 رنسن جي هدف ۾ گڏيل عرب امارات انڊر 19 ٽيم 37.5 اوورن ۾ 171 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ميزبان ٽيم طرفان آيان مصباح، شاندار مزاحمت ڪندي 12 چوڪن جي مدد سان 77 رنسون اسڪور ڪيون. پاڪستان طرفان عبدالسبحان، بهترين بولنگ جو مظاهرو ڪندي 4 وڪٽيون حاصل ڪيون ۽ ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

مزید خبریں