اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ سکر ريلوي ڊويزن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي انفراسٽرڪچر، مسافرن جي سهولتن ۽ سنڌ ۾ جاري ۽ آئينده ترقياتي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت جي روشنيءَ ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير جي سهڪار سان سڄي سنڌ …
ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ سکر ريلوي ڊويزن بابت هڪ اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ سکر ريلوي ڊويزن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي انفراسٽرڪچر، مسافرن جي سهولتن ۽ سنڌ ۾ جاري ۽ آئينده ترقياتي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت جي روشنيءَ ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير جي سهڪار سان سڄي سنڌ ۾ ريلوي جا ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پنجاب ريلوي سان گڏوگڏ هاڻ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان وڏي پيماني تي ترقياتي قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي ڪامياب اپ گريڊيشن کانپوءِ هاڻ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ٿيڻ واري آهي. روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ هڪ جامع ماسٽر پلان تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هلندڙ مهيني ان منصوبي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويندو. روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن سنڌ حڪومت جي سهڪار سان مڪمل ڪئي ويندي جنهن جي مجموعي لاڳت جو 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت جڏهن ته 50 سيڪڙو پاڪستان ريلوي برداشت ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ايندڙ سال جون تائين مڪمل ڪئي ويندي. ريلوي واري وزير چيو ته اپ گريڊيشن کانپوءِ روهڙي ريلوي اسٽيشن ملڪ جي جديد ترين ۽ بهترين ريلوي اسٽيشنن ۾ شامل ٿيندي. هن ٻُڌايو ته روهڙي اسٽيشن پاڪستان ريلوي جو هڪ اهم جنڪشن آهي جتي روزانو 20 هزار کان وڌيڪ مسافرن جي اچ وڃ ٿئي ٿي، ان لاءِ سهولتن ۾ بهتري اڻٽر آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي عوام لاءِ پاڪستان ريلوي وڏي خوشخبري ڏيندي سکر ريلوي اسٽيشن کي ان جي اصل تاريخي ۽ جمالياتي حالت ۾ اپ لفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير طرفان روهڙي جي اپ گريڊيشن منصوبي ۽ ٻين ريلوي ترقياتي معاملن ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. اجلاس ۾ غير محفوظ ريلوي ڪراسنگز کي محفوظ بنائڻ جي معاملي تي به تفصيلي ڳالهيون ٿيون، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير خاص توجهه ۽ عملي قدمن جي خاطري ڪرائي. ريلوي واري وزير، وڏي وزير جي سهڪار جي آجيان ڪندي چيو ته وفاق ۽ صوبي جي گڏيل سهڪار سان سنڌ ۾ ريلوي جي شعبي کي جديد رُخن تي آندو پيو وڃي. اجلاس ۾ مسافرن کي معياري ۽ محفوظ خوراڪ جي فراهميءَ لاءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي کي خط موڪلڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. ريلوي واري وزير ان موقعي تي واضح مؤقف اختيار ڪيو ته فوڊ ڪوائلٽي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستان ريلوي مسافرن کي محفوظ، معياري ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ريلوي جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري جا ثمر جلد نظر ايندا.











