ناڻي واري وفاقي وزير سان ايس پي ڊي سي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان سوشل پاليسي اينڊا ڊولپمينٽ سينٽري (ايس پي ڊي سي) جي هڪ وفد تفصيلي ۽ جامع ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت ايس پي ڊي سي جو چيئرمين جاويد جبار ڪري رهيو هو. وفد ۾ ايس پي ڊي سي جي بورڊ ميمبرن احمد فاروق بزئي، مهتاب اڪبر راشدي، نويد ڪامران بلوچ ۽ ڊاڪٽر صبا گل خٽڪ …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان سوشل پاليسي اينڊا ڊولپمينٽ سينٽري (ايس پي ڊي سي) جي هڪ وفد تفصيلي ۽ جامع ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت ايس پي ڊي سي جو چيئرمين جاويد جبار ڪري رهيو هو. وفد ۾ ايس پي ڊي سي جي بورڊ ميمبرن احمد فاروق بزئي، مهتاب اڪبر راشدي، نويد ڪامران بلوچ ۽ ڊاڪٽر صبا گل خٽڪ شامل هيون. ملاقات ۾ ملڪ کي درپيش اهم مالياتي، سماجي ۽ معاشي چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ايس پي ڊي سي طرفان پائيدار حصيداري ۽ شاهدين تي ٻَڌل پاليسي معاونت جي امڪانن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ايس پي ڊي سي جي وفد جي آجيان ڪندي قومي پاليسي مباحثي ۾ اداري جي ٽن ڏهاڪن تي ٻَڌل آزاد ۽ غير جانبدار تحقيقي خدمتن کي ساراهيو. هن بين الحڪومتي مالياتي ناتن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبائي حڪومتن سان ايس پي ڊي سي جي پُراڻي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ـ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان کي درپيش پيچيده معاشي ۽ حڪمراني جي مسئلن جي حل لاءِ باخبر ۽ فني طور تي مضبوط رايا نهايت اهم آهن. ملاقات دوران ناڻي واري وزير حڪومت جي جاري اداره جاتي سڌارن ۽ رائٽ سائزنگ ايجنڊا تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته هي عمل مرحليوار انداز ۾ شفافيت ۽ اثرائتي سان گڏوگڏ اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته سڌارن جو مقصد روزگار ۾ گهٽتائي ناهي پر ادارا جاتي ناڪامين، مالياتي زيان، غير ضروري سبسڊيز ۽ سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ موجود ڍانچه جاتي ڪمزورين جو ازالو آهي جيڪو قومي خزاني تي بار بڻجي رهيون آهن. هن ٻُڌايو ته رائٽ سائزنگ بابت سفارشون ڪابينه ۾ غور جي مرحلي مان گذري رهيون آهن ته جيئن بهتر سروس ڊليوري ۽ مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) بابت تازي اڳڀرائيءَ کان به وفد کي آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته شروعاتي اجلاس هاڪاري ۽ تعميري رهيو، جنهن سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو آهي. هن ٻُڌايو ته اين ايف سي جي مختلف رُخن تي فني ڳالهين لاءِ 8 ورڪنگ گروپس قائم ڪيا ويا آهن جيڪي مڪمل طور تي اتفاق راءِ جي بنياد تي ڪم ڪندا. ناڻي واري وزير اين ايف سي ۾ وسيلن جي ورڇ ۽ بين الحڪومتي مالياتي انتظام بابت معاملن تي ايس پي ڊي سي کي تجزياتي معاونت فراهم ڪرڻ جي دعوت ڏني. حڪمراني ۽ شفافيت جي حوالي سان ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي معاونت سان هئڻ واري ڊائيگناسٽڪ ۽ گورننس اسسمينٽ ۽ ان جي سفارشن تي روشني وڌي ۽ـ ٻُڌايو ته حڪومت انهن سفارشن تي عملدرآمد لاءِ وقت سان جڙيل ايڪشن پلان تيار ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اثاثن جي گوشوارا ۽ عوامي انڪشافن سميت جاري سڌارن جو ذڪر ڪيو ۽ـ ادارا جاتي احتساب ۽ بدعنواني جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ ايس پي ڊي سي جي تجويزن جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان کي درپيش ٻه اهم ڊگهي مُدي وارا چئلينجز، يعني موسمياتي تبديلي ۽ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلي جي معاشي اثرن ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، سخت موسمي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن سان معيشت، زراعت ۽ مالياتي استحڪام متاثر ٿي رهيو آهي. هن شروعاتي وارننگ سسٽمز ۽ ڊزاسٽر مئنجمينٽ ۾ بهتريءَ جو ذڪر ڪيو جڏهن ته پاليسي ترجيحن ۽ بجيٽ ۾ تسلسل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. آباديءَ جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته اصل مسئلو مذهبي يا ثقافتي ناهي پر سهولتن تائين پهچ، آگاهي ۽ اداره جاتي هم آهنگيءَ جو آهي ۽ ان چئلينج کي مُنهن ڏيڻ لاءِ شاهدين تي ٻَڌل عوامي پاليسي اڻٽر آهي. ايس پي ڊي سي جي وفد ناڻي وزارت لاءِ امڪاني سهڪار جي شعبن جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ بين الحڪومتي مالياتي تجزيو، اين ايف سي لاءِ وسيلن جي ورڇ جا ماڊلز، ٽيڪس پاليسي ۽ وسيلن جي بهتر وصولي شامل آهن. وفد صحت بابت ٽيڪسن خاص ڪري تماڪ ۽ مٺن شربتن تي ٽيڪسز کي اهڙين پاليسين طور تي اجاگر ڪيو جو هڪ ئي وقت عوامي صحت کي بهتر بنائڻ ۽ آمدني وڌائڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿيون. وفد ٽيڪس پاليسي ماڊلنگ ۾ ايس پي ڊي سي جي صلاحيتن ۽ شاهدين تي ٻَڌل تجويزن تي به روشني وڌي جيڪي ٽيڪس پاليسي آفيس جي ڪم ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ سڄو سال مالياتي فيصلن کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ٻنهي ڌُرين سالياني بجيٽ کان هٽي به مسلسل ۽ منظم رابطن جي اهميت تي اتفاق ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ويجهي سهڪار ذريعي تحقيقي علم کي اثرائتي عملدرآمد ۾ تبديل ڪري سگهبو. ملاقات ۾ قومي ترقي ۽ پائيدار معاشي سڌارن لاءِ آزاد تحقيق سان ڀرپور فائدو ۽ باقاعده رابطا جاري رکڻ جي عزم سان ٿيو.

مزید خبریں