اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ ۽ نامزدگي ڪاغذ سان لاڳاپيل معاملي تي ٻڌڻي سومر ڏينهن جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ قائم 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مخصوص سيٽ جي تڪرار ۾ صدف احسان ۽ حنا بي بي عدالت ۾ پيش ٿيون، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ جي غير …
وفاقي آئيني عدالت ۾ جي يو آءِ (ف) جي مخصوص سيٽ بابت ٻڌڻي ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ ۽ نامزدگي ڪاغذ سان لاڳاپيل معاملي تي ٻڌڻي سومر ڏينهن جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ قائم 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مخصوص سيٽ جي تڪرار ۾ صدف احسان ۽ حنا بي بي عدالت ۾ پيش ٿيون، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ جي غير موجودگي سبب عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته صدف احسان جي يو آءِ (ف) طرفان مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي هئي، جڏهن ته بعد ۾ جي يو آءِ (ف) صدف احسان سان لاتعلقي اختيار ڪندي، حنا بي بي کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو هو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ معاملي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪندي.











