ناڻي واري وفاقي وزير جي اي ڊي بي جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ سڌارن ۾ تيزي، ترقياتي ۽ نجي شعبي جي ترقيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي توثيق ڪئي وئي آهي. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان تفصيلي ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين ۽ سينٽرل ۽ ويسٽ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ سڌارن ۾ تيزي، ترقياتي ۽ نجي شعبي جي ترقيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي توثيق ڪئي وئي آهي. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان تفصيلي ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين ۽ سينٽرل ۽ ويسٽ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل گوتريز ڪري رهيون هيون، جڏهن ته اي ڊي بي جي مقامي آفيس جا سينيئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. اها ملاقات ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقياتي اثرن ۾ بهتري ۽ سڌارا جاتي عمل کي تيز ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ اي ڊي بي جي ڊگهي مُدي ۽ وقت سر معاونت تي دلي ٿورن جو اظهار ڪيو. خاص ڪري بجيٽ سپورٽ، مالياتي تحفظ، سماجي شعبي جي ترقي ۽ سڌارن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترقياتي حصيداريءَ کي صرف منظورين بدران نتيجن، اثرن ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهڃاڻن سان مشروط هئڻ گهرجي ته جيئن حقيقي ۽ پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير منصوبا بندي، تياري ۽ عملدرآمد ۾ بهتريءَ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ماضيءَ ۾ منصوبن جي تڪميل ۾ دير خاص ڪري سماجي شعبن ۽ ماحولياتي منصوبن ۾ ترقياتي اثرن کي ڪمزور ڪندي رهي آهي جنهن جو ازالو اڻٽر آهي. ملاقات ۾ آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف) پروگرام تحت پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ سڌارا جاتي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته بهتر ڪريڊٽ ريٽنگز، آءِ ايم ايف جي ڪامياب جائزي ۽ ڪلائمينٽ ريزيلينس فيسلٽي جي منظوري جهڙن قدمن، پاڪستان جي سڌارا جاتي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو اظهار آهن. هن ٽيڪس سڌارن، توانائيءَ جي شعبي جي بهتري، سرڪاري ادارن جي اصلاح، نجڪاري ۽ پبلڪ فنانشل مئنجمينٽ ۾ سڌارن لاءِ حڪومتي عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزير وفد کي هاڻوڪي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته هڪ ننڍي بئنڪ جي نجڪاري مڪمل ڪئي وئي آهي، اسٽريٽجڪ ٽرانزيڪشنز ۾ ٻيهر دلچسپي وڌي رهي آهي ۽ توانائي شعبي جي نئين سر تنظيم سازي، خاص ڪري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هي ڪامياب ۽ نمايان نجڪاري قدم سڌارا جاتي عمل ۾ اعتماد ۽ رفتار پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت اهم آهن. ناڻي واري وزير روانگي واپار، خدمتن خاص ڪري آءِ ٽي سروسز ۾ اضافي، پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ بهتري ۽ قابل انتظام ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جهڙن مثبت معاشي اهڃاڻن جو ذڪر ڪيو جيتوڻيڪ گڏوگڏ ئي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشي ترقيءَ کي متوازن ۽ پائيدار بنيادن تي برقرار رکڻ ضروري آهي. هن مختصر مُدتي مزاحمت باوجود واپاري آزادڪاري ۽ چٽاڀيٽي وڌائڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. اي ڊي بي طرفان ايمافين ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جو ٿورو مڃيندي مضبوط تعاون ۽ سهولتڪاري کي ساراهيو، خاص ڪري اي ڊي بي جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دؤري جي حوالي سان هن ترقياتي نتيجن تي اي ڊي بي جي توجهه اجاگر ڪندي چيو ته منصوبن جي وقت سر تياري ۽ سادي طريقيڪار تيز رفتار فنڊز جاري ڪرڻ ۽ عملي نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهن. هن سڌارن ذريعي ادارا جاتي صلاحيت ۽ عملدرآمد جي بهتريءَ ۾ تعاون لاءِ اي ڊي بي جي مڪمل آمادگي جو اظهار ڪيو. اي ڊي بي عملدارن آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان جي سڌارا جاتي اڳڀرائي کي ساراهيندي اي ايف ايف سان هم آهنگي وڌيڪ بجيٽ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي تياريءَ جو به اعلان ڪيو. هن مستقبل جي امڪاني شعبن جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ انشورنس سيڪٽر ۾ سڌارا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس، پينشن سڌارن ۽ ماحولياتي تحفظ سميت سماجي شعبي جي مسلسل معاونت شامل آهي. وفد نجي شعبي ۾ اي ڊي بي جي وڌندڙ شموليت تي به روشني وڌي جنهن ۾ امڪاني طور نجي شعبي جي ڏي وٺ، گارنٽيز ۽ پي پي پي منصوبا شامل آهن، جنهن ۾ تجويز ڪيل ايئرپورٽ ٽرانزيڪشنز به غور هيٺ آهن. پاڪستان ۾ اي ڊي بي جي موجودگيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سميت نئين ڪنٽري آپريشنز هيڊ جي مقرريءَ کي گهري تعاون ۽ بهتر رٿابندي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ حصيداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن جو محور ترقياتي اثرن، شفافيت، نجي شعبي جي ترقي ۽ جامع پائيدار معاشي اؤسر هوندو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آئينده ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ۽ 2026ع ۽ ان کانپوءِ جي ترقياتي منصوبن لاءِ ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں