ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري کان علاوه لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سيڪريٽريز ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي واپار واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري کان علاوه لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سيڪريٽريز ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي واپار واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان پيش ڪيل ايجنڊا ايٽمز جو جائزو ورتو ۽ منظوري ڏني، ان ۾ پاڪستان ري انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ هڪ خالي آزاد ڊائريڪٽر جي مقرري، بورڊ جي چيئرمين جي مقرري، ايڪس آفيشيو عهدن بابت سفارشون ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ اگنائٽ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ مقرريون شامل هيون. ڪميٽي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان پيش ڪيل ان تجويز جي منظوري ڏني جنهن تحت يونيورسل سروسز فنڊ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ موبائل سيلولر لائسنس يافته ڪمپنين جي نامزد ڊائريڪٽر طور تي سي اي او، زونگ جي نامزدگي ڪئي وئي جيڪو بورڊ جي باقي مُدي يعني 2026ع تائين مؤثر رهندو. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت طرفان مورافڪو انڊسٽريز لميٽيڊ بابت ايجنڊا ايٽم تي غور ڪندي ڪميٽي هدايت ڪئي ته قانون واري وزارت ڊويزن سان مشاورت سان اداري کي ختم ڪرڻ جي عمل بابت هڪ تفصيلي تجويز ٻيهر پيش ڪري جيئن ان کان اڳ فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميٽي بين الصوبائي رابطن واري وزارت طرفان پاڪستان ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي خاتمي بابت ڪميٽيءَ جي اڳوڻي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست تي ٻَڌل سمريءَ تي به غور ڪيو ويو. وزارت آگاهه ڪيو ته جيتوڻيڪ حڪومتي هدايتن موجب پي ٽي ڊي سي گهڻو ڪري آپريشنل ۽ واپاري اثاثا آئوٽ سورس ڪيا ويا آهن جڏهن ته سياحت جي شعبي ۾ بين الصوبائي هم آهنگيءَ لاءِ هڪ مؤثر قومي سطح جي نظام جي اڃا به ضرورت آهي. وزارت موجب مرڪزي رابطا اداري جي عدم موجودگي سبب پاڪستان عالمي سطح تي سياحت جي هڪ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي پيش ڪرڻ ۽ صوبائي سياحتي قدمن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ کان قاصر رهيوآهي. ان روشنيءَ ۾ هڪ مختصر، مؤثر ۽ مناسب ڳاڻيٽي جي سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام جي تجويز ڏني وئي ته جيئن بين الحڪومتي رابطا، پاليسي، معاونت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. ڪابينه ڪميٽي ان معاملي تي تفصيلي غور کان پوءِ بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن راين ۽ تجويزن کي شامل ڪندي هڪ جامع ۽ تفصيلي منصوبي سان سمري ٻيهر پيش ڪري. ان منصوبي ۾ عمل جي ضرورت، گورننس اسٽرڪچر ۽ قومي سياحتي حڪمت عملي جي معاونت ۾ پي ٽي ڊي سي جي ڪردار جي جواز کي واضح ڪيو وڃي، ڪنلسٽنسي مطالعن ۽ بين الاقوامي سيڙپڪاري جي قدمن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. ڪميٽيءَ ان ڳالهه کي ورجايو ته اڳوڻن فيصلن تي ڪنهن به قسم جي نظرثاني واضح بزنس ڪيس جي بنياد تي هئڻ گهرجي ۽ ان کي ٻيهر ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيو وڃي ته جيئن سرڪاري ادارن جي سڌارن ۽ رائٽ سائزنگ بابت حڪومتي وسيع تر ايجنڊا سان تسلسل، شفافيت ۽ اهم آهنگيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں