اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج واري شرح ۾ 50 بيسز پوائنٽس گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان فيصلي کانپوءِ بنيادي وياج واري شرح گهٽ ٿي 10.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، فيصلي کان پوءِ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ جو مقصد قيمتن جي استحڪام کي برقرار رکندي معاشي سرگرمين ۽ پائيدار اقتصادي اؤسر کي هٿي ڏيڻ آهي. مانيٽري پاليسي …
مانيٽري پاليسي جي وياج واري شرح ۾ 50 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائيءَ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج واري شرح ۾ 50 بيسز پوائنٽس گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان فيصلي کانپوءِ بنيادي وياج واري شرح گهٽ ٿي 10.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، فيصلي کان پوءِ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ جو مقصد قيمتن جي استحڪام کي برقرار رکندي معاشي سرگرمين ۽ پائيدار اقتصادي اؤسر کي هٿي ڏيڻ آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ (اڄ) کان پاليسي ريٽ ۾ 50 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميٽيءَ نوٽ ڪيو آهي ته جولاءِ کان نومبر مالي سال 26-2025ع دوران سراسري مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو جي هدف جي دائري ۾ رهي. مجموعي طور مهانگائيءَ جو منظرنامو وڏي حد تائين غير تبديل ٿيل آهي جنهن جو بنيادي سبب عالمي جنسن جي نسبت ۾ گهٽ قيمتون، مهانگائي جي توقع جو مستحڪم رهڻ ۽ محتاط مانيٽري پاليسي مؤقف آهي. ڪميٽيءَ اهو به جائزو ورتو ته معاشي سرگرميءَ ۾ لاڳيتو بهتري اچي رهي آهي. ڪميٽيءَ موجب جولاءِ کان نومبر مالي سال 2025ع دوران سراسري طور مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو جي هدفي دائري ۾ رهي جڏهن ته مهانگائيءَ بابت توقع به مستحڪم آهن. عالمي جنسن جي نسبت گهٽ قيمتون ۽ محتاط مانيٽري پاليسي سبب مهانگائيءَ جي منظرنامي ۾ وڏي تبديلي ناهي آئي جيتوڻيڪ بنيادي مهانگائيءَ ۾ ڪنهن حد تائين سختي برقرار آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي ان ڳالهه جو جائزو ورتو ته ملڪي معاشي سرگرميءَ ۾ بهتري اچي رهي آهي. لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ، صنعتي پيداوار ۽ ٻين اهم هاءِ فريڪيوئنسي اهڃاڻن ۾ واڌ ان معاشي بحاليءَ جو واضح ثبوت آهي جيتوڻيڪ عالمي سطح تي روانگي واپار کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي محتاط پاليسي ايپروچ کي برقرار رکيو ويو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ جاري آهي ۽ آءِ ايم ايف جي جائزن جي ڪامياب تڪميل کانپوءِ ملندڙ رقمن مان اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 15.8 ارب ڊالرن کان وڌي ويا آهن. پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ استحڪام، جڏهن ته آمدني واپار ۾ معاشي سرگرميءَ موجب اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيتوڻيڪ غذائي جنسن خاص ڪري چانور جي روانگي واپار ۾ گهٽتائيءَ سبب مجموعي روانگي واپار دٻاءُ جو شڪار آهي. مالياتي محاذ تي مالي سال 26-2025ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ مجموعي ۽ بنيادي مالياتي توازن سرپلس ۾ رهيو جنهن جو وڏو سبب اسٽيٽ بئنڪ طرفان حڪومت کي منافعي جي منتقلي آهي، جڏهن ته ٽيڪس وصولين جي رفتار سست رهي جنهن سبب مالي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. مانيٽري پاليسي ڪميٽي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مهانگائيءَ کي وچين مُدي ۾ هدفي دائري ۾ مستحڪم رکڻ لاءِ مانيٽري ۽ مالياتي پاليسين ۾ هم آهنگي ۽ ٽيڪس سڌارن، سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت سڌارا اڻٽر آهن. ڪميٽيءَ موجب پاليسي ريٽ ۾ هاڻوڪي گهٽتائيءَ سان سيڙپڪاري نجي شعبي جي قرضن ۽ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي توقع آهي، جيڪو آخرڪار پائيدار ۽ جامع معاشي ترقيءَ جو سبب بڻجندو.











