اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آپريشن دوران 7 خوارج جي خاتمي کي رياستي رِٽ جي موثر لاڳو ۽ قومي سلامتي جي عزم جو مظهر قرار ڏنو. ايوان صدر جي پرس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري …
صدر پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آپريشن دوران 7 خوارج جي خاتمي کي رياستي رِٽ جي موثر لاڳو ۽ قومي سلامتي جي عزم جو مظهر قرار ڏنو. ايوان صدر جي پرس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ نائيڪ ياسر خان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم شهيد جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.











