صحت جي شعبي ۾ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون: سيد مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عوام جي خدمت اسان جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ عوام جي بنا فرق خدمت تي يقين رکون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن وزارت سنڀالي ته صحت جي شعبي …

ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عوام جي خدمت اسان جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ عوام جي بنا فرق خدمت تي يقين رکون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن وزارت سنڀالي ته صحت جي شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپيش هئا، صحت جي شعبي جي بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جي ڊي اين اي ۾ ڪم ڪرڻ آهي، اهو صرف لفظي ناهي پر اسان ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، عوام جي خدمت اسان جي اولين ترجيح آهي. وفاقي زوير چيو ته اسان جتي به آهيون، جيترو ڪم ڪري سگهون ٿا، ذميواري سان ڪري رهيا آهيون، سياسي مخالف ڪوشش باوجود مون تي ڪرپشن جو الزام نه لڳائي سگهيا، سرڪاري خزاني جا پئسا عوام جي ڀلائي جي منصوبن تي خرچ ڪيا. هن چيو ته ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ عوام جي بنا فرق خدمت تي يقين رکون ٿا، ڪراچي ملڪي ترقي ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، ملڪي ترقي لاءِ مقامي حڪومتن جو مضبوط نظام اڻٽر آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ مقامي حڪومتن جو مضبوط نظام قائم آهي. هن چيو ته هاڻي اسان کي نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي.

مزید خبریں