اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته محفوظ، منظم طريقي سان پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ڪوششون ڪرڻ پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي، پناهگير عالمي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اٽڪل هڪ ڪروڙ 20 لک پاڪستاني پرڏيهه ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي …
محفوظ، منظم طريقي سان پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ڪوششون ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي: چوڌري سالڪ حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته محفوظ، منظم طريقي سان پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ڪوششون ڪرڻ پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي، پناهگير عالمي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اٽڪل هڪ ڪروڙ 20 لک پاڪستاني پرڏيهه ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني، ڏيهه اماڻيل ناڻي سان ملڪي معيشت کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هلندڙ سال 7 لک کان وڌيڪ پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه ويا. حڪومت طرفان پناهگيرن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسڪل ڊولپمنٽ پروگرامن ذريعي پاڪستانين جي پرڏيهه ملازمت جا بهتر موقعا ملي سگهن ٿا. نيشنل اسڪلز پاسپورٽ سان پرڏيهه ملازمت ۾ سهولت ملي رهي آهي. وفاقي زوير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان پرڏيهه روزگار لاءِ ويندڙ پاڪستانين کي ايئرپورٽس تي آف لوڊ ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا آهن، گهرو وزارت ۽ اووسيز وزارت ۾ ان حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير به شرڪت ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم ان معاملي تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اميد آهي ته جنوري تائين روزگار لاءِ پرڏيهه ويندڙ پاڪستانين جي ايئرپورٽس تي آف لوڊنگ جي واقعن جو تدارڪ ڪيو ويندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ايس او پيز بنائي رهيا آهيون.











