حڪومت ڏيڍ سال ۾ معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته موجوده حڪومت صرف ڏيڍ سالن جي مختصر وقت ۾ معيشت کي استحڪام جا بنياد فراهم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اقتدار سنڀالڻ وقت حالتون انتهائي مشڪل هيون ۽ اهو چيو پئي ويو ته اقتدار ڪنڊن جو تاج آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ٻُڌايو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته موجوده حڪومت صرف ڏيڍ سالن جي مختصر وقت ۾ معيشت کي استحڪام جا بنياد فراهم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اقتدار سنڀالڻ وقت حالتون انتهائي مشڪل هيون ۽ اهو چيو پئي ويو ته اقتدار ڪنڊن جو تاج آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ٻُڌايو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام تحت پرائمري سرپلس جو هدف بنا ڪنهن مني بجيٽ جي حاصل ڪيو ۽ سمورا آءِ ايم ايف جا جائزا ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ آءِ ايم ايف بورڊ به منظوري ڏني. هن چيو ته معاشي استحڪام جي نتيجي ۾ مهانگائي 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊجيٽ ۾ اچي چڪي آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. اهڙيءَ طرح ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 8.8 سيڪڙو کان وڌي 10.3 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي ۽ ايف بي آر جي ٽيڪس روينيو ۾ 26 سيڪڙو واڌرڪارڊ ڪيو ويو. بلاول اظهر ڪياني چيو ته عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري به حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو ايندڙ هدف نجي شعبي جي قيادت ۾ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ آهي، جنهن سان مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ڪمزور طبقن کي فائدو پهچندو. هن چيو ته وزيراعظم جي دهايت تي 9 ورڪنگ گروپ جوڙيا ويا آهن، جن ۾ نجي شعبي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. ڪيترائي گروپ پنهنجون سفارشون ڏئي چڪا آهن، جن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 گروپ پنهنجون تجويزون پيش ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم روانگي واپار تي لاڳو 0.25 سيڪڙو سرچارج به ختم ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جي پارٽي پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي مملڪتي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ طرف ڍڪڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. آءِ ايم ايف کي خط لکيا ويا ۽ سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهچايو ويو. معيشت، سفارتڪاري ۽ـ دفاع خلاف ناڪاري بيانيي جي شروعات اڊيالا جيل ۾ ويٺل نام ليڊر کان ٿيندو آهي، جيڪو هٿياربند فوج خلاف نفرت انگيز زبان استعمال ڪندو آيو آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي به پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جا لفظ ورجايا، جيڪي ملڪ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳا آهن. هن جو چوڻ هو ته جعفر ايڪسپريس حملي کانپوءِ ڳالهين لاءِ گُهرائڻ باوجود پي ٽي آءِ شرڪت کان انڪار ڪيو ۽ـ بعد ۾ به فوج مخالف بيانيو جاري رکيو. بلال اظهر ڪياني چيو ته فوج جنگي کٽي آهي ۽ اڄ به آفيسر ۽ جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، پر پي ٽي آءِ ان ناڪاري بيانيي تي قائم آهي ۽ پارليامينٽ ۾ اچي به قومي اسيمبليءَ کي ملڪ مخالف بيانيي لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي. هن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سزا ڏئي پاڪ فوج خود احتيابيءَ جو روشن مثال قائم ڪيو، جيڪو 15 مهينن جي قانوني عمل کانپوءِ چارجز جي بنيادي ڏني وئي. ان موجب عمران خان ان شخص ذريعي نواز شريف سميت ٻين سياسي اڳواڻن خلاف ٿاڻيدار جو ڪردار ادا ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته هي سڀ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي آهي ۽ خود احتيابيءَ جو عمل جاري رهندو. هن زور ڀريو ته حڪومت معاشي بهتري ۽ پائيداري جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي ۽ پي ٽي آءِ کي تباهه ڪندڙ سوچ بدران تعميري سياست اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته نيشنل ٽيرف پاليسي جو به اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سان صنعتي شعبي کي سهولتون ملنديون ۽ معيشت کي وڌيڪ هٿي ملندي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته ڪارخانا لڳائڻ ۽ـ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بنيادي طور تي نجي سيڪٽر جي ئي ذميداري آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو ڪردار پاليسي سازي، سهولت ڪاري ۽ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سيڙپڪاري وڌي ۽ معيشت مستحڪم ٿئي. هن چيو ته سياسي طور حڪومت ڪاميابيءَ طرف گامزن آهي ۽ رياستي ادارا آئين جي دائري ۾ رهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به ڳالهين جي ڪوششن جو مثبت جواب نه ڏنو، جنهن سبب سياسي گرمي پد ۾ گهٽتائيءَ جي راهه هموار نه ٿي سگهي. هن چيو ته اڊيالا جيل کان ڪڏهن ڪي پي ڪي ۾ صحت، تعليم يا گورننس جي حوالي سان ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي، جڏهن ته عوام کي درپيش اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ سمورين سياسي قوتن جي ذميداري آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته صوبا اين ايف سي جي معاملن تي کُلي ذهن سان ڳالهائين. هن چيو ته حڪومت تمام گهڻا سڌارا آءِ ايم ايف کانسواءِ به مڪمل ڪرڻ جو عزم رکي ٿي ته جيئن ملڪي معيشت کي مضبوط ۽ـ پاڻڀرپور بڻائي سگهجي. مملڪتي وزير واضح ڪيو ته آئين ۾ گورنر راڄ جو آپشن موجود آهي ۽ جيڪڏهن ڪا پارٽي مسلسل رياست خلاف بيانيو اختيار ڪري ٿي ته نوبت آئيني ڪارروائي تائين پهچي سگهي ٿي. بلاول اظهر ڪياني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تعاون ۽ تعميري ڳالهيون ئي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهن.

مزید خبریں