پي سي بي چيئرمين پاران ايڇ بي ايل، پي ايس ايل 11 جي ونڊو جو اعلان

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين سيد محسن نقوي، ايڇ بي ايل پاڪستان سپرليگ جي 11هين ايڊيشن جي ونڊو جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جو ميلو ايندڙ سال 26 مارچ کان 3 مئي تائين مختلف شهرن ۾ لڳندو. پي ايس ايل 11 جي توسيعي مرحلي جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن ته جئين 6 جي بجاءِ …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين سيد محسن نقوي، ايڇ بي ايل پاڪستان سپرليگ جي 11هين ايڊيشن جي ونڊو جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جو ميلو ايندڙ سال 26 مارچ کان 3 مئي تائين مختلف شهرن ۾ لڳندو. پي ايس ايل 11 جي توسيعي مرحلي جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن ته جئين 6 جي بجاءِ 8 ٽيمن کي ميدان ۾ آڻي سگهجي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 8 جنوري 2026ع تي اسلام آباد ڪنونشن سينٽر ۾ نئين ٽيمن جي نيلامي منعقد ڪندو. جتي ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جي 2 نئين فرنچائزز جا حق پيش ڪيا ويندا. ان نيلامي کي سڌي ريت نشر ڪئي ويندي، جنهن سان شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سڄي دنيا جي امڪاني سيڙپڪارن ۽ ڪرڪيٽ شوقينن کي عالمي سطح تي پهچ حاصل هوندي. ياد رهي ته ايڇ بي ايل، پي ايس ايل مسلسل عالمي دلچسپي حاصل ڪري رهي آهي، جيڪا ليگ جي وڌندڙ واپاري قوت، عالمي سطح تي وڌندڙ اثر ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي امڪانن جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں