پي ايس ايل ٽرافي جي ٽائمز اسڪوائر تي نمائش

نيويارڪ-15 ڊسمبر (اي پي پي) پي ايس ايل ٽرافي جي ٽائمز اسڪوائر پهچڻ تي سخت سيءُ باوجود ڪرڪيٽ جا شوقين وڏي انگ ۾ پهچي ويا. پي ايس ايل ٽرافي کي خاص بس ذريعي ٽائمز اسڪوائر پهچايو ويو. شان مسعود، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، صائم ايوب، سعود شڪيل، ابرار احمد ٽرافي سان گڏ ٽائمز اسڪوائر تي پهتا. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ سي اي او، پي ايس ايل …

نيويارڪ-15 ڊسمبر (اي پي پي) پي ايس ايل ٽرافي جي ٽائمز اسڪوائر پهچڻ تي سخت سيءُ باوجود ڪرڪيٽ جا شوقين وڏي انگ ۾ پهچي ويا. پي ايس ايل ٽرافي کي خاص بس ذريعي ٽائمز اسڪوائر پهچايو ويو. شان مسعود، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، صائم ايوب، سعود شڪيل، ابرار احمد ٽرافي سان گڏ ٽائمز اسڪوائر تي پهتا. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ سي اي او، پي ايس ايل سلمان نصير به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. ڪرڪيٽ شوقينن، رانديگرن ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان گڏ تصويرن ڪڍرايون. ڪرڪيٽ شوقينن پاڪستان ٽيم جي رانديگرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں