ڪوئيٽا - 15 ڊسمبر (اي پي پي) 21هين جھل مگسي ڊيزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2025ع پنھنجي پڄاڻي تي پھچي وئي، جنھن جو خاص مھمان بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ھو. تاريخي جھل مگسي ڊيزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2025ع نوابزاده جعفر خان مگسي سڀ کان گھٽ وقت ۾ مفاصلو مڪمل ڪري ڪاميابي پنھنجي نالي ڪئي. ان تقريب ۾ جھل مگسي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين علائقن جي سياسي اڳواڻن سميت …
جھل مگسي ڊيزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2025ع پڄاڻي تي پهتي، نوابزاده جعفر خان مگسي مقابلو کٽي ورتو

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 15 ڊسمبر (اي پي پي) 21هين جھل مگسي ڊيزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2025ع پنھنجي پڄاڻي تي پھچي وئي، جنھن جو خاص مھمان بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ھو. تاريخي جھل مگسي ڊيزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2025ع نوابزاده جعفر خان مگسي سڀ کان گھٽ وقت ۾ مفاصلو مڪمل ڪري ڪاميابي پنھنجي نالي ڪئي. ان تقريب ۾ جھل مگسي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين علائقن جي سياسي اڳواڻن سميت سڄي ملڪ مان ھزارين مداحن شرڪت ڪئي، جن ريگستاني علائقن ۾ مقابلو ڪندڙن کي داد ڏنو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندو خيل ھڪ ڪروڙ روڪ انعام جو اعلان ڪيو ۽ ٻين ڪيٽيگريز ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ انعام به ورھايا. تاريخي جھل مگسي ڊيزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2025ع کي شاندار نموني منعقد ڪرڻ کي ڪاميابي قرار ڏنو، بلوچستان جي گورنر مندوخيل، وفاقي وزير نوابزاده خالد مگسي، واپار واري وفاقي وزير مير ڄام ڪمال، قومي اسيمبلي جي ميمبر نوابزاده عامر خان مگسي ۽ ٻين اھم شخصيتن جي موجودگي ريلي جي جذبي ۽ وقار ۾ اضافو ڪيو.











