اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ناهي ڪيو: ترجمان

لاهور-14 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ڪو به شيڊيول جاري ناهي ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته ڪجهه ماڻهو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ مڪاني چونڊن جي جاري ڪيل شيڊيول کي پنجاب صوبي ۾ مڪاني چونڊ منعقد ڪرائڻ سان ڳنڍي رهيا آهن. ان ڪري واضح ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان …

لاهور-14 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ڪو به شيڊيول جاري ناهي ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته ڪجهه ماڻهو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ مڪاني چونڊن جي جاري ڪيل شيڊيول کي پنجاب صوبي ۾ مڪاني چونڊ منعقد ڪرائڻ سان ڳنڍي رهيا آهن. ان ڪري واضح ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صرف اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ مڪاني چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو آهي، پنجاب صوبي ۾ مڪاني چونڊ جي حوالي سان ڪو به شيڊيول جاري ناهي ڪيو ويو.

مزید خبریں