آءِ ايم ايف ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي تحت سڌارن جو تسلسل ۽ پس منظر: ناڻي وزارت جي پڌرائي

اسلام آباد -14 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي، ته تازي ميمورنڊم آف اڪنامڪ و فنانشل پاليسيز  ۾ شامل قدم پاڪستان حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ طئي ٿيل سڌارن واري ايجنڊا جي فطري تسلسل  آهن، جيڪو مرحليوار  طريقي سان ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ لاڳو ڪيو پيو وڃي  ۽ ان کي اوچتو ۽ غير متوقع نين شرطن سان ڀيٽڻ حقيقتن کان …

اسلام آباد -14 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي، ته تازي ميمورنڊم آف اڪنامڪ و فنانشل پاليسيز  ۾ شامل قدم پاڪستان حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ طئي ٿيل سڌارن واري ايجنڊا جي فطري تسلسل  آهن، جيڪو مرحليوار  طريقي سان ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ لاڳو ڪيو پيو وڃي  ۽ ان کي اوچتو ۽ غير متوقع نين شرطن سان ڀيٽڻ حقيقتن کان بيخبر هئڻ برابر آهي.  گذريل ڏينهن هڪ پڌرائي ۾ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي پروگرام تحت طئي ٿيل سڌارن وارن قدمن جي پس منظر، تسلسل ۽ مرحليوار نوعيت کي بيان ڪندي واضح ڪيو آهي ته ميڊيا تي جن نين شرطن سان ڀيٽيو پيو وڃي، اهي قدم نه ته اوچتو لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي غير متوقع آهن. پر اهي پاڪستان حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ طئي ٿيل وچولي عرصي جي سڌارن واري حڪمت عملي جو حصو آهن، جن مان ڪيترائي سڌارا پاڻ پاڪستان حڪومت طرفان شروع ڪيا ويا آهن. آءِ ايم ايف جو ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي پروگرام ميمبر ملڪن کي ان قابل بڻائي ٿو ته هو وچولي عرصي ۾ اهڙي قسم جا سڌارا لاڳو ڪن جن ذريعي طئي ٿيل پاليسي هدف حاصل ڪري سگهجن، اهي سڌارا ڪنهن هڪ مرحلي نه پر پوري پروگرام دوران مرحليوار انداز ۾ لاڳو ڪيا ويندا آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته ميڊيا ۾ بحث هيٺ مبينه نين شرطن جي حوالي سان انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته سرڪاري ملازمن جي اثاثن جا گوشوارا شايع ڪرڻ وارو معاملو اي ايف ايف پروگرام جي شروعات يعني مئي 2024ع کان ئي ايم اي ايف پي جو حصو رهيو آهي. موجوده هدف اصل ۾ سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم کان پوءِ ايندڙ منطقي قدم آهي. جيڪو اڳ ئي ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي. نيب جي ڪارڪردگي ۽ خودمخياري ۾ بهتري جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي، ته گذريل جائزن ۾ حڪومت ان ڳالهه تي اڳ ئي متفق ٿي چڪي هئي ته نيب جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ ٻيا تحقيقاتي ادارا خاص ڪري صوبائي اينٽي ڪرپشن ادارن سان تعاون کي مضبوط بڻايو ويندو. وڌيڪ خطرن  کي منهن ڏيندڙ ادارن لاءِ ايڪشن پلان جي تياري ان ئي تسلسل جو حصو آهي ۽ اهي قدم گورننس ۽ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ رپورٽ کان اڳ ئي طئي ٿيل سڌارن سان گڏوگڏ هلي رهيو آهي. صوبائي اينٽي ڪرپشن ادارن کي مالي معومات تائين پهچ جي حوالي سان چيو ويو آهي ته صوبائي ادارن کي بدعنواني جي مالياتي رخن جي جاچ لاءِ مالي ڄاڻ فراهم ڪرڻ اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي روڪٿام سان واڳيل سڌارن جو حصو آهي، جيڪو اي ايف ايف پروگرام جي شروعات ۾ شامل آهي. پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ناڻي واڌ پاڪستان جي پرڏيهي مالي استحڪام لاءِ انتهائي اهم آهي. غير رسمي ذريعن جي حوصلا شڪني کان پوءِ مالي سال 2025ع ۾ ناڻي واڌ ۾ مالي سال 2024ع جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته مالي سال 2026ع ۾ 9.3 سيڪڙو اضافي جي اميد آهي. پاڪستان حڪومت اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي ناڻي واڌ جي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف  حڪومت جي انهن قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي ايم اي ايف پي ۾ شامل ڪيو آهي. مقامي ڪرنسي بانڊ مارڪيٽ جي ترقي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي، ته مئي 2025ع  ۾ جاري ڪيل آءِ ايم ايف اسٽاف رپورٽ ۾ سيڙپڪارن جو انگ وڌائڻ لاءِ مقامي بانڊ مارڪيٽ ۾ رڪاوٽن جو جامع مطالعو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، جنهن کي هاڻي هڪ هدف طور پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شگر انڊسٽري جي ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته شگر سيڪٽر ۾ سڌارا پاڪستان حڪومت جا پنهنجا قدم آهن. وزيراعظم آفيس توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙيو آهي جيڪو شگر مارڪيٽ جي مڪمل آزادڪاري ۽ صوبن جي مشاورت سان قومي پاليسي جون سفارشون  تيار ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ اهي قدم اي ايف ايف جي ان مقصد سان هم آهنگ آهن جن تحت جنسن جي مارڪيٽ ۾ حڪومتي مداخلت گهٽائي پئي وڃي، ان لاءِ آءِ ايم ايف ان کي ايم اي ايف پي جو حصو بڻايو آهي. ايف بي آر لاءِ جامع سڌارن واري روڊ ميپ  جي حوالي سان پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ايف بي آر ۾ سڌارا حڪومت جي وسيع تر روينيو وڌائڻ جي ايجنڊا جو حصو آهن، جن جي قيادت پاڻ وزيراعظم ڪري رهيو آهي. گذريل هڪ سال ۾ ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري، ٽيڪس پاليسي آفيس جو قيام ۽ ڪمپلائنس رسڪ مينجمينٽ ۾ بهتري جهڙا قدم کنيا ويا آهن، اهي هدف انهن سڌارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ آهن. وچولي عرصي جي ٽيڪس سڌارن واري حڪمت عملي جي حوالي سان واضح ڪيو ويو آهي ته ٽيڪس پاليسي آفيس جي قيام کان پوءِ، ٽيڪس پاليسي ۽ ايف بي آر جي عملي معاملن کي الڳ ڪرڻ هڪ وڏو قدم هو. ڊسڪوز جي نجڪاري جي وضاحت ڪندي چيو ويو آهي، ته بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين جي نجڪاري اي ايف ايف پروگرام ۾ شروع کان ئي شامل هو ۽ ان کي مرحليوار انجام ڏيڻو اهي. حيسڪو ۽ سيپڪو لاءِ نجي شعبي جي شموليت جي شرطن کي حتمي شڪل ڏيڻ پهرين مرحلي کان پوءِ ايندڙ قدم آهي.ا هڙي طرح، ستن وڏن ادارن سان پبلڪ سروس آبليگيشن معاهدا به اڳ ئي طئي ٿيل قدمن جو تسلسل آهن. ريگيوليٽري سڌارن ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي حوالي سان واضح ڪيو ويو آهي، ته ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع ۾ غير لسٽڊ ڪمپنين لاءِ تعميل کي مضبوط بڻائڻ جون ترميمون ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي وسيع سڌارن جو حصو آهن، جيڪي اي ايف ايف پروگرام ۾ شروع کان شامل آهن. اهڙي طرح اسپيشل اڪنامڪ زون ايڪٽ ۾ ترميمن سان سلهاڙيل تصوراتي نوٽ، اڳ ۾ ڪيل جائزه مطالعي جو ايندڙ مرحلو آهي. روينيو ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ متبادل قدمن جي حوالي سان وضاحت ڪئي وئي آهي ته آمدني ۾ امڪاني گهٽتائي جي صورت ۾ متبادل قدم ايم اي ايف پي جو مستقل حصو رهيا آهن. مئي 2024ع کان شروعاتي ايم اي ايف پي ۾ پڻ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي متعارف ڪرائڻ جو هدف شامل هو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته خلاصو اهو آهي ته تازه ايم اي ايف پي ۾ شامل قدم پاڪستان حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ طئي ٿيل سڌاران واري ايجنڊا جو فطري تسلسل آهن، جيڪي مرحليوار طريقي سان ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ لاڳو ڪيا پيا وڃن ۽ انهن کي اوچتو يا غير متوقع  نين شرطن سان ڀيٽڻ حقيقتن کان بيخبر هئڻ برابر آهي.

مزید خبریں