اسلام آباد -14 ڊسمبر (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي موثر سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ وارا قدم جاري آهن، بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي چين جي هيبي جوهانگ انرجي ٽيڪنالاجي گروپ جي وفد سان اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ چين جي وفد پاڪستان ۾ سولر انرجي ۽ هاءِ ٽيڪ شعبن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي چين جي هيبي جوهانگ انرجي ٽيڪنالاجي گروپ جي وفد سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -14 ڊسمبر (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي موثر سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ وارا قدم جاري آهن، بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي چين جي هيبي جوهانگ انرجي ٽيڪنالاجي گروپ جي وفد سان اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ چين جي وفد پاڪستان ۾ سولر انرجي ۽ هاءِ ٽيڪ شعبن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد پاڪسان ۾ وڏي پئماني تي سولر پينل مينيوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي تجويز به پيش ڪئي. تفصيل موجب ملاقات ۾ بيجنگ ۾ سيپٽمبر 2025ع ۾ ٿيل پاڪستان چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي نتيجن جو جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس دوران ڪيترن ئي ترجيحي شعبن ۾ 8.5 بلين آمريڪي ڊالرن جا معاهدا ۽ گڏيل منصوبا طئي ٿيا. پاڪستان کي چين جي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ، پرڪشش ۽ تيزي سان وڌندڙ سيڙپڪاري جو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان طرفان سيڙپڪاري لاءِ 6000 ايڪڙ زمين رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ انڊيڪس گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4 کان 5 ڀيرا بهتر ٿيو، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار سان روزگار، روانگي واپار، ۽ صنعتي ترقي ۾ نمايان اضافي جي اميد آهي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن سان ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي.











