سوات جي اطالوي اثار قديمه مشن جي 70 هين سالگرهه: قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي جي تقريب ۾ شرڪت، پاڪ اٽلي تعاون تي زور

روم-14 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي جي سوات جي اطالوي اثار قديمه مشن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير هن وقت اٽلي جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو آءِ سي سي آر او ايم جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو …

روم-14 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي جي سوات جي اطالوي اثار قديمه مشن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير هن وقت اٽلي جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو آءِ سي سي آر او ايم جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ آثار قديمه ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ جي حوالي سان پراڻي حصيداري کي ساراهيو ۽ ان کي گڏيل تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون، تعليمي مٽاسٽا ۽ اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ جاري قدمن تي به روشني وڌي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آثار قديمه جي تحقيق، تحفظ ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هن شعبي ۾ اٽلي سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هي تقريب اٽلي جي انٽرنيشنل ايسوسيئيشن فار ميڊيٽيرينين اينڊ اروينٽل اسٽيڊيز جي انتظام هيٺ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اطالوي پرڏيهي وزارت تحت ترقياتي تعاون بابت اطالوي ايجنسي ۽ يونيورسٽي آف وينس تعاون فراهم ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ قائم اطالوي آثار قديمه مشن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جنهن جو بنياد ناليواري اطالوي آثار قديمه جي ماهر جوسيپي ٽوچي 1955ع ۾ رکيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مختلف آثار قديمه جي ماڳن تي ٿيل فني ۽ علمي تعاون کي اجاگر ڪيو ويو. تقريبن دوران چار سيشنز منعقد ٿيا جن ۾ پاڪستان ۾ مشن جي تاريخ، خيبرپختونخوا حڪومت سان جاري تعاون ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڄاڻايل منصوبن ۾ آثار نباتات، ڪتبن جو مطالعو ۽ جيو آرڪيالوجي شامل آهن. ان کانسواءِ باريڪوٽ، بٽڪارا ۽ سيدو شريف جهڙن اهم آثار قديمه جي ماڳن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں