دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگن اکر جاري ڪيا آهن، جنهن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 100 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله …

اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگن اکر جاري ڪيا آهن، جنهن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 100 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 2 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو. بئراجن ۾ پاڻي جي آمد موجب بڊو بئراج ۾ آمد 38 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 34 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 35 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار 800 ڪيوسڪ رهيو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1489.28 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.624 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1206.90 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جي ذخيرو 4.701 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.30 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.070 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں