اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي ترقي ۽ آفريڪا بابت برطانوي وزير بيرونس جيني چيپ اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي ترقي ۽ آفريڪا بابت برطانوي وزير بيرونس جيني چيپ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ۽ بيرونس چيپ گڏيل دلچسپي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي ترقي ۽ آفريڪا بابت برطانوي وزير بيرونس جيني چيپ پاران اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي ترقي ۽ آفريڪا بابت برطانوي وزير بيرونس جيني چيپ اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي ترقي ۽ آفريڪا بابت برطانوي وزير بيرونس جيني چيپ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ۽ بيرونس چيپ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ترقياتي تعاون، موسمياتي تبديلي، اقتصادي رابطا ۽ وسيع علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ هڪ گڏيل تاريخ، مضبوط ادارتي رابطا ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل تمام گهڻا پُراڻا لاڳاپا آهن. هن برطانيه ۾ پاڪستاني شهرين جي متحرڪ ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل طور ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم دوري کي ٻطرفي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم موقعو قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهو دورو پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.











